دودو سومرو

دودو سومرو

دودو سومرو

دودو سومرو (شخصيت ۽ ڪردار): سنڌ جو قومي سورمو دودو سومرو، دودي چنيسر جي قصي يا داستان جو اهم ڪردار ۽ سنڌ جو هڪ سورهيه حڪمران ٿي گذريو آهي. لوڪ قصي موجب دهليءَ جو حاڪم علاوالدين سنڌ جي سلطان دودي سومري تي ڪاهه ڪري آيو ۽ دودو سومرو ۽ سندس ساٿي بهادريءَ سان وڙهي پنهنجي ڌرتيءَ تان قربان ٿي شهيد ٿيا. سنڌي ادب جي قديم صنف ’ڳاهه‘ ۾ هيءُ قصو سهڻي انداز سان چيو ويو آهي. هـيءُ قـصـو سـنـڌ جي تاريخ جو هڪ اهم داستان ۽ سنڌ جي سورهيائيءَ ۽ حب الوطنيءَ جي علامت آهي، جنهن جا سمورا ڪردار سنڌ جي قومي ڪردار ۽ اخلاقي وصفن جي نمائندگي ڪن ٿا ۽ دودي کي سنڌ جي سورمي طور صدين کان وٺي ياد ڪيو وڃي ٿو.
سنڌ ۾ سومرن جي طاقت عربن جي دور ۾ منظم ٿي ۽ عربن جي زوال کان پوءِ سومرا سنڌ جا آزاد حاڪم بڻجي اُڀريا، جن اٽڪل 500 ورهيه سنڌ تي حڪمراني ڪئي. سومرن جي دؤر جون چار خاصيتون، کين ٻين دورن کان اهم ۽ مختلف ٿيون بڻائين: (1) اسلام کان پوءِ هيءُ پهريون مقامي اقتدار جو دور هو. (2) سنڌ جي تاريخ ۾ ايڏي ڊگهي زماني تي مشتمل ٻئي ڪنهن به مقامي گھراڻي جو ڪو به آزاد حڪومتي دؤر نه رهيو آهي. (3) سنڌي ادب ۽ زبان جون بنيادي ۽ لوڪ داستانن جون روايتون هن دور ۾ پيدا ٿيون، (4) تاريخ جو هي دور سنڌ جي شان ۽ آسودگيءَ جو دور ثابت ٿيو. ايڏي اهم دور جا منتشر حوالا ته ملن ٿا، پر ڪو مستند تاريخي مواد نه ٿو ملي.
دودي چنيسر جي قصي ۾ وڏو مغالطو ان ڪري به پيدا ٿيو آهي، جو هن جنگ بابت گهڻوڪري روايتن ۾ دهليءَ کان سنڌ تي ڪاهي ايندڙ بادشاهه جو نالو علاؤ الدين خلجي ٻڌايو ويو آهي. تاريخي حوالن، واقعن ۽ سومرن جي شجرن کي ڀيٽيندي عالمن کي ان واقعي جي مناسبت نه ٿي ملي، ليڪن دودي چنيسر، ٻاگهي ٻائيءَ ننگر سومري، عمرڪوٽ جي حاڪم هاسي سوڍي، ڪڇ جي حاڪم ڄام ابڙي سمي ۽ ابڙي جي پٽ ممت جا نالا ۽ سندن واسطيداريون ڪنهن به ريت فرضي ڪـردار نـه ٿـا سڏي سگهجن. هڪڙي راءِ اها آهي ته اهو سلطان علاؤالدين خلجي نه، پر ’ترم شيرين‘ عرف علاؤالدين هو، جنهن چنيسر جي چوڻ تي سنڌ تي ڪاهه ڪئي. سلطان ترم شيرين چوڏهين صديءَ جي ابتدا ۾ سمرقند جو حاڪم هو، کيس ’عـلاؤ الـديـن‘ جـي عـرفيـت سـان بـه ســڏيـنـدا هـئا. مشهـور سياح ابن بطوطه سمن جي اوائلي دؤر ۾ 734هه ڌاري سنڌ ۾ آيو هو، نخشي شهر ۾ علاؤالدين جي درٻار ۾ پهتو هو ۽ پنهنجي سفرنامي ۾ هن علاؤالدين جو گهڻو ذڪر ڪيو آهي. ابن بطوطه جي سنڌ اچڻ کان ست اٺ سال اڳ سلطان ترم شيرين عرف علاؤ الدين سنڌ تي ڪاهه ڪئي هئي. مختلف تاريخن ان ڪاهه جو سال 727هه مطابق 1327ع ڄاڻايو آهي. ان وقت دهليءَ جي تخت تي سلطان محمد تغلق ويٺل هو، جنهن مقابلي جو ست نه ساري، ترم شيرين کي ڳچ دولت ۽ جواهر ڏئي موڪليو. ترم شيرين جيڪو ملتان کان دهليءَ تائين بربادي ڦهلائيندو ويو هو، سو دهليءَ کان موٽندي مارواڙ ۽ گجرات ۾ تباهي آڻيندو، غنيمت جو مال ميڙيندو سنڌ رستي پنهنجي ملڪ موٽيو هو. ممڪن آهي چنيسر جڏهن دهليءَ ڏانهن مدد وٺڻ ويو هجي ته ان وقت سلطان علاؤالدين ترم شيرين به دهليءَ ۾ خيمي زن هجي ۽ امڪان آهي ته چنيسر هن کي ئي سنڌ جي مال دولت جي لالچ ڏئي سنڌ تي ڪاهي آيو هجي.
دودي ۽ علاؤالدين واري جنگ سومرن جي آخري دؤر ۾ لڳي هئي، جڏهن دودو (چوٿون) تخت نشين هو، جنگ ۾ نه رڳو دودو پاڻ شهيد ٿيو، پر سندس ڪيترا وفادار، دوست حاڪم ۽ سردار به سندس حمايت ۾ وڙهندي مارجي ويا هئا. سومرن جي اقتدار کي ان کان پوءِ ڌڪ لڳو ۽ 30 سالن اندر همير سومري تي هن گھراڻي جي حڪومت جي پڄاڻي ٿي. دودي ۽ علاؤالدين جي هيءَ جنگ آدرشي خيال کان سنڌ لاءِ ’مهاڀارت واري جنگ‘ جو درجو رکي ٿي، جنهن جا سورما ۽ سندن جوش ۽ جذبو سنڌ لاءِ بيحد احترام جوڳا آهن. واقعاتي لحاظ کان پنهنجن ملڪي معاملن ۽ ٻاهرين دست اندازيءَ خلاف سومرن جي هيءَ جنگ قومي غيرت، خودداريءَ، وطن دوستي، دليري، سچائي ۽ قربانيءَ جو زبردست ڪارنامو آهي.
عام روايت موجب، دودو ۽ چنيسر، سومرن جي حاڪم ڀونگر جا پٽ هئا. دودو ڏاڏي پوٽيءَ مان ۽ چنيسر لوهارڻ زال مان هو. ڀونگر سومري جي وفات کان پوءِ گاديءَ جي مسئلي تان اميرن ۾ اختلاف ٿيو، جن فيصلو ڀونگر جي وڏور ڌيءُ ٻاگهي ٻائيءَ تي ڇڏيو، جيڪا هن جي ڏاڏي پوٽي- ڌيءَ هئي ۽ عمر ۾ به ٻنهي ڀائرن کان وڏي هئي. ٻاگهيءَ تخت وڏي ڀاءُ چنيسر کي ڏياريو، جنهن تي چنيسر پنهنجي ماءُ کان صلاح مشوري وٺڻ لاءِ ڀريءَ درٻار مان پڳ ٻڌڻ کانسواءِ ئي نڪري هليو ويو. اها ڳالهه راڄداريءَ جي اصولن خلاف ليکي وئي ۽ اميرن چنيسر کي ڪمزور سمجهي راڄ جي پڳ دودي کي ٻڌڻ لاءِ مجبور ڪيو. دودو جيئن ته ڏاڏي پوٽي زال مان هو ۽ نهايت لائق ۽ بهادر شخص هو، تنهنڪري سومرن توڙي سوڍن جا سڀ راڄ هن فيصلي تي ڏاڍو خوش ۽ راضي ٿيا.
جت سوڍا، سومرا، راڄ مڙوئي مڙن،
ڀاڳ تت دودي شير تي، ڌمر دهل وڄن،
خلقون مر اچن، دودل جي درٻار ۾.
چنيسر ان ڳالهه تان ڪاوڙجي دهلي درٻار طرف دانهين ٿي ويو، جتان علاؤالدين کي پنهنجي ڀيڻ ٻاگهيءَ جي سڱ جي لالچ ڏئي کانئس لشڪر جي مدد وٺي آيو. دودي سومري کي جڏهن سنڌ تي ڪاهه جي خبر پئي ته هن پهرين سلطاني لشڪر جي مهندار، خود چنيسر جي لاڏلي پٽ ننگر کي ڪجهه ماڻهو ساڻ ڏئي ايلچي ڪري موڪليو. چنيسر جي پٽ ننگر جو تاريخي ڪردار قومي غيرت ۽ حوصلي جو شاندار مثال آهي، جنهن هيڏي وڏي لشڪر جي هجوم ۾ ٻاگهيءَ جي سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪندي، للڪاريندي بروقت لڙائيءَ جو آغاز ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجن سمورن ساٿين سميت قربان ٿي ويو. ان مهل راوين مطابق ته خطرو ٽارڻ خاطر دودي جي درٻار ۾ راءِ آئي ته ڪنهن ٻانهيءَ کي پاگهل ڪري علاؤالدين کي ڏئي ڇڏجي، ته ائين ننگ به بچي ويندو ۽ خطرو به ٽاري سگھجي ٿو، تنهن تي ڀاڳو ڀان هيٺيون بيت ڏنو:
جر نه کُٽي ڪنگرين، راءُ نه ڳنڍجڻ ويڻ،
جي گولي ويندي گجرين، ته به سڏبي دودي ڀيڻ.
ان بعد سنڌ جي مرد ميڙن هن سورهيه سردار جي اڳواڻي ۾ ڌاين يلغار کي هر حال ۾ منهن ڏئي ساڻن جنگ ڪرڻ جو طئه ڪيو.
جنهن کان پوءِ دودي جي همراهيءَ ۾ پهرين سندس دوست عمرڪوٽ جو حاڪم هاسو سوڍو پنهنجي راڄ سميت سلطاني لشڪر سان سامهون ٿيو ۽ پنهنجو سر قربان ڪيائين. دودي سومري کي جڏهن اها خبر پئي ته هن شاهي خاندان جي سڀني عورتن کي پنهنجي ڀيڻ ٻاگهيءَ سميت ڪڇ جي نامياري حاڪم ڄام ابڙي سمي ڏانهن سام ڪري موڪليو ۽ پاڻ پنهنجن ساٿين سميت سر ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو. سام سنڌ جي قديم سماجي ۽ اخلاقي قدرن ۾ شمار ٿئي ٿي. ان موجب هارايل ڌر جي عورتن جي عصمت جي نگهداشت کٽيندڙ ڌر تي لازم هوندي هئي، يا وري جنگ جي حالت ۾ جنگ ڪندڙ حاڪم يا سردار جو ڪو وفادار دوست انهن عورتن جي ذميواري قبول ڪندو هو. اها هڪ اهڙي ذميواري هئي، جنهن جي پوئواري هر قسم جي نقصان ۽ خطري تي حاوي، جان کان وڌيڪ، فرض ۽ ايمان جي حد تائين لازم سمجهي ويندي هئي. سنڌ کان سواءِ اها روايت عربن جي بدوي قبيلي ۾ به ملي ٿي، جنهن ۾ هو جنگ ۾هٿ آيل عورتن جي حرمت پاڻ تي فرض سمجهندا هئا. بلوچ قبيلن ۾ به اهڙي روايت ملي ٿي. سام وٺڻ واري ذميواري بيحد پيچيده ۽ جوکم واري هوندي هئي. ان ڪري ڄام ابڙي سمي طرفان سومرين کي ’سام وٺڻ‘ هڪ عظيم اخلاقي ۽ جرئتمنديءَ جو ڪم هو. ان ڪري سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ هن قومي سورمي ڄام ابڙي کي کي تمام گهڻو ڳايو ۽ ساراهيو ويو آهي. سلطاني لشڪر ۽ سومرن جي وچ ۾ مقابلو ٿيو، ٻنهي طرفن کان زبردست جنگ هلي، جنهن ۾ دودي وڏي دليريءَ سان مقابلو ڪيو، نيٺ دودو ساٿين سميت جنگ ۾ وڙهندي شهيد ٿيو. سندس شهادت ڏهين محرم/ 27 مارچ 1300ع تي ٿي. سندس قبر بدين ضلعي جي سرحد سان لڳ ڳوٺ روپا ماڙيءَ ۾ آهي. (وڌيڪ ڏسو: دودي سومري جي مزار)
دودو سياڻپ ۽ سورهيائيءَ جو مجسمو، حب الوطني ۽ قربانيءَ جي جذبي سان سرشار سنڌ جو هڪ مثالي سورمو آهي. اهڙيءَ ريت هن داستان ۾ چنيسر جي پٽ ننڍيءَ عمر واري ننگر سومري جهڙي غيرتمند ۽ حوصلي واري نوجوان جو به تاريخ ۾ ڪو مثال نه ٿو ملي. شهزادي ٻاگهل ٻائيءَ جو تدبر ۽ غيرتمند سنڌي عورت جي ڪردار جو بهترين مثال آهي. ڄام ابڙو، هاسو سوڍو، ممٽ ابڙو، جاڙيجا سردار ۽ ٻيا سمورا واسطيدار سورما دليريءَ ۽ غيرتمنديءَ جا تاريخي لازوال سورما آهن.
دودي سومري جي هيءَ جنگ سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم باب آهي، هي جنگ نه، پر هڪ جنگاهه هو، جنهن سموري لاڙ خطي، خصوصاً سنڌ جي اڌ ايراضيءَ کي جنگ جو ميدان بڻايو ۽ هڪ نه پر ڪيترن محاذن تي ڪيترن حاڪمن ۽ سردارن ان ۾ حصو ورتو. سنڌ جا هزارين ڪٽنب قربان ٿيا، جن سڀني جو سربراهه سنڌ جو سورهيه سورمو دودو سومرو دلير هو. اهو ئي سبب آهي ته هن کي سنڌ ۾ اڄ به ’مڙس ته ڪو دودو آهين‘ جي چوڻيءَ ۾ ياد ڪيو وڃي ٿو.
دودي سومري تي جي. ايم. سيد تفصيلي طور ’سنڌ جا سورما‘ ۾ لکيو آهي. ان کانسواءِ شيخ اياز جو اوپيرا ’دودي سومري جو موت‘ به هن سورهيه سورمي جي زندهه جاويد قربانيءَ کي ڀيٽا آهي.


لفظ دودو سومروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو