دودو- III: 657 ھہ/ 1259ع ۾ سومرو بادشاھہ ڳَهڻو ٻيو گذاري ويو، جنهن کان پوءِ سندس پٽ دودو (ٽيون) حڪومت جي مسند تي ويٺو. هن ڪل 14 سال حڪومت ڪئي. ان وقت دهليءَ جي سلطنت انتشار جو شڪار هئي. سندس ئي دور ۾ بھاءُ الدين ذڪريا ملتاني ۽ پير پٺو رحلت ڪري ويا. سلطان ناصرالدين قباچه پڻ گذاري ويو ۽ ان جي جاءِ تي غياث الدين بلبن (التمش جو هڪ ترڪ غلام) کي دهليءَ جو بادشاھہ بڻايو ويو. دودي وڏي دليريءَ سان حڪومت ڪئي ۽ حڪومتي حدن جي حفاظت لاءِ اهڙا اُپاءَ ورتائين، جو ڪنهن بہ آسپاس واري حاڪم کي حملي ڪرڻ جي همت نہ ٿي. هن 671 ھہ/ 1272ع ۾ وفات ڪئي.