دودو-II: عمر سومري جي وفات کانپوءِ 576ھہ/ 1180ع ۾ دودو سومرو حاڪم ٿيو. هي 576 ھہ/ 1180ع کان 590ھہ/ 1195ع تائين اقتدار ۾ رهيو، هو خفيف سومري جي دور ۾ وڳھہ ڪوٽ جو قلعي دار هو، هن خفيف سان بغاوت ڪري اقتدار حاصل ڪيو ۽ ديبل کي پنھنجي گاديءَ جو شھر مقرر ڪيو. سلطان شھاب الدين غوريءَ، اچ کي فتح ڪرڻ کان پوءِ 577ھہ/ 1182ع ۾ اتر سنڌ ۽ ديبل تي حملو ڪيو. دودي ۽ شھاب الدين ۾ سخت لڙائي ٿي، جنهن ۾ سلطاني لشڪر جو تمام گهڻو نقصان ٿيو. شھاب الدين غوري ديبل فتح ڪرڻ کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ ڦرلٽ ڪري وڏو مال گڏ ڪري غزنيءَ کڻائي ويو. دودي ڏھہ سال حڪومت ڪئي ۽ 950ھہ/ 1194ع ۾ وفات ڪئي.