دورائو: دورائو هنر شاعريءَ جو هڪ قسم آهي، جنهن ۾ سگھڙن ۽ شاعرن ٻٽو هنر ڪم آندو آهي يا ٻن قسمن جي لِڪَ رکي آهي.
دورائو فارسي لفظ آهي، دو = ٻه + راهه = رستو. ٻن رستن وارو، يعني اهو بيت جو ٻٽي معنيٰ رکي. ڪن تحقيق ڪندڙن جي خيال ۾ هيءُ لفظ اصل ۾ دورائو يا دورايو يعني ٻن راين وارو آهي. لوڪ ادب جي شاعرن ۽ سگھڙن ٻن راهن واري معنيٰ کي سامهون رکي بيت ٺاهيا، جن تي عام اصطلاح ۾ دورائو سڏيو ويو. سنڌيءَ ۾ جيڪي دورائا لکيا ويا آهن، سي اڪثر ٻن معنائن يا ٻن سُرن وارا آهن. دورائي جي اها خاصيت آهي ته ساڳيو لفظ ٻن مختلف معنائن سان، ٻن مختلف سرن ۾ ايندو آهي، جيئن: جھل مهار.
(1) اٺ جي واڳ، مهار، (2) م + هار: ڳچيءَ جو زيور.
سُر سسئي: اي سسئي، تون اٺن جي مهار جھلي ويهين ها!
سُر ليلان: اي ليلان، اهو هار پاڻ وٽ نه جھلين ها!
مٿين مثال ۾ ساڳيو لفظ ٻن مختلف معنائن سان، ٻن مختلف سُرن ۾ ڪم آيو آهي. جيڪڏهن هڪ لفظ ڪيتريون ئي معنائون رکي، پر سڀ معنائون هڪ سُر سان ئي تعلق رکن ٿيون ته اهو هنر چئبو. پر دورائي لاءِ ضروري آهي ته هڪ لفظ مختلف معنائون مختلف سرن لاءِ رکي.