دوزخ: دوزخ کي جھنم بہ چئبو آهي. لفظ جهنام جي معنيٰ تمام گهڻي اونهائي آهي، جنهن مان لفظ ’جھنم‘ (بمعنيٰ دوزخ) نڪتو آهي. قرآن مجيد ۾ دوزخ جو ذڪر صاف صاف آيو آهي تہ دوزخ منڪرن (انڪار ڪندڙن)، بي ايمان ۽ اهڙن گنهگارن جي رهڻ جي جاءِ آهي، جن جا ڏوھہ معاف ڪرڻ جھڙا نہ آهن. دوزخ جي سڀ کان چٽي وصف باھہ آهي. قرآن مجيد ۾ ڪن جاين تي باھہ جي معنيٰ ۾ ڪتب آيل لفظ ’نار‘ ئي دوزخ جي جاءِ تي ڪم آيو آهي. ڪجهہ مفسرن، دوزخ جا ست طبقا يا درجا ڄاڻايا آهن: (1) جھنم: گنهگارن جي عذاب ۽ عتاب جو هنڌ، (2) سعير: نصارن لاءِ رهڻ جو هنڌ، (3) حُطمَھ: يهودين لاءِ رهڻ جي جاءِ، (4) لظيٰ: ديوَن ۽ ابليس جو ٺڪاڻو، (5) سقر: ڏاڍن ۽ متڪبرن (وڏائي ڪندڙن) جي سزا جي جاءِ، (6) جحيم: مشرڪن ۽ بُتن جي پوڄارين جي جاءِ، (7) هاويھ: سڀ کان هيٺانهون هنڌ، فرعون ۽ منافقن لاءِ. مذهبي ڪتابن موجب دوزخ هڪ ڪمين گاھہ/ کُڏڻو/ گنهگارن جي انتظار وارو هنڌ ۽ سرڪشن جي رهڻ جي جاءِ آهي، جنهن ۾ اهي سدائين رهندا. ان اندر ڪنهن بہ ٿڌاڻ ۽ پاڻياٺ جو کين احساس/ حظ حاصل نہ ٿيندو. کين تتل، گندو پاڻي (ڦَٽن جو ڌوپ)، ڪيل ڪرتوتن جي بدلي ۾ ملندو. قرآن مجيد ۾ دوزخ جي هڪ وڻ جو نالو بہ آيو آهي. جنت جي نعمتن جي ذڪر کان پوءِ ﷲ تعاليٰ پُڇا ڪري ٿو ته، ”ڳالهايو! هيءَ مهماني چڱي آهي يا ٿوهر جو وڻ؟ اسان هن وڻ (ٿوهر) کي ظالمن لاءِ فتنو ٺاهيو آهي. هي وڻ دوزخ جي تري کان نڪري ٿو، ان جون ٻاٽيون شيطانن جي مٿن جهڙيون آهن، جن کي دوزخي کائيندا ۽ ان مان پيٽ ڀريندا. پوءِ کين پيئڻ لاءِ ٻڙڪندڙ پاڻي ملندو ۽ پوءِ سندن موٽ دوزخ جي باھہ ڏانهن هوندي.“ (37: 62 کان 68) دوزخ جو ذڪر ڪيترين حديثن ۾ بہ آيو آهي. دوزخ جي اونهائيءَ بابت آيو آهي تہ ان ۾ پٿر اُڇلبو تہ ستر سالن تائين بہ تري تائين نہ پهچندو“ (مسلم). معتزله فرقي جي خيال ۾ جھنم ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ ماڻهو ٻاهر نہ رهندا. ٻين فرقن ۽ مذهبن (مسلڪن) جي اڪابرن موجب ايمان رکندڙ (گنھگار) دوزخ ۾ هميشہ لاءِ نہ ڪرندا، بلڪ ائين بہ ممڪن آهي تہ ﷲ تعاليٰ کين دوزخ ۾ وجهڻ کان سواءِ ئي بخشي ڇڏي. حضرت عبدالله بن عمرو رضہ ۽ حضرت ابن عباس رضہ کان روايت آهي ته، ”جھنم تي هڪڙو وقت اهڙو بہ ايندو، جو ان ۾ ڪو بہ نہ هوندو ۽ ان جا رڳو خالي دروازا پيا کڙڪندا.“ (مسلم ۽ مسند احمد)