دوزخ

دوزخ: دوزخ کي جهنم به چئبو آهي. لفظ جهنام جي معنيٰ تمام گهڻي اونهائي آهي، جنهن مان لفظ ’جهنم‘ (بمعنيٰ دوزخ) نڪتو آهي. قرآن مجيد ۾ دوزخ جو ذڪر صاف صاف آيو آهي ته دوزخ منڪرن (انڪار ڪندڙن)، بي ايمان ۽ اهڙن گنهگارن جي رهڻ جي جاءِ آهي، جن جا ڏوهه معاف ڪرڻ جهڙا نه آهن. دوزخ جي سڀ کان چٽي وصف باهه آهي. قرآن مجيد ۾ ڪن جاين تي باهه جي معنيٰ ۾ ڪتب آيل لفظ ’نار‘ ئي دوزخ جي جاءِ تي ڪم آيو آهي. ڪجهه مفسرن، دوزخ جا ست طبقا يا درجا ڄاڻايا آهن: (1) جهنم: گنهگارن جي عذاب ۽ عتاب جو هنڌ، (2) سعير: نصارن لاءِ رهڻ جو هنڌ، (3) حُطمَھ: يهودين لاءِ رهڻ جي جاءِ، (4) لظيٰ: ديوَن ۽ ابليس جو ٺڪاڻو، (5) سقر: ڏاڍن ۽ متڪبرن (وڏائي ڪندڙن) جي سزا جي جاءِ، (6) جحيم: مشرڪن ۽ بُتن جي پوڄارين جي جاءِ، (7) هاويھ: سڀ کان هيٺانهون هنڌ، فرعون ۽ منافقن لاءِ. مذهبي ڪتابن موجب دوزخ هڪ ڪمين گاهه/ کُڏڻو/ گنهگارن جي انتظار وارو هنڌ ۽ سرڪشن جي رهڻ جي جاءِ آهي، جنهن ۾ اهي سدائين رهندا. ان اندر ڪنهن به ٿڌاڻ ۽ پاڻياٺ جو کين احساس/ حظ حاصل نه ٿيندو. کين تتل، گندو پاڻي (ڦَٽن جو ڌوپ)، ڪيل ڪرتوتن جي بدلي ۾ ملندو. قرآن مجيد ۾ دوزخ جي هڪ وڻ جو نالو به آيو آهي. جنت جي نعمتن جي ذڪر کان پوءِ الله تعاليٰ پُڇا ڪري ٿو ته، ”ڳالهايو! هيءَ مهماني چڱي آهي يا ٿوهر جو وڻ؟ اسان هن وڻ (ٿوهر) کي ظالمن لاءِ فتنو ٺاهيو آهي. هي وڻ دوزخ جي تري کان نڪري ٿو، ان جون ٻاٽيون شيطانن جي مٿن جهڙيون آهن، جن کي دوزخي کائيندا ۽ ان مان پيٽ ڀريندا. پوءِ کين پيئڻ لاءِ ٻڙڪندڙ پاڻي ملندو ۽ پوءِ سندن موٽ دوزخ جي باهه ڏانهن هوندي.“ (37: 62 کان 68) دوزخ جو ذڪر ڪيترين حديثن ۾ به آيو آهي. دوزخ جي اونهائيءَ بابت آيو آهي ته ان ۾ پٿر اُڇلبو ته ستر سالن تائين به تري تائين نه پهچندو“ (مسلم). معتزله فرقي جي خيال ۾ جهنم ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ ماڻهو ٻاهر نه رهندا. ٻين فرقن ۽ مذهبن (مسلڪن) جي اڪابرن موجب ايمان رکندڙ (گنهگار) دوزخ ۾ هميشه لاءِ نه ڪرندا، بلڪ ائين به ممڪن آهي ته الله تعاليٰ کين دوزخ ۾ وجهڻ کان سواءِ ئي بخشي ڇڏي. حضرت عبدالله بن عمرو رضه ۽ حضرت ابن عباس رضه کان روايت آهي ته، ”جهنم تي هڪڙو وقت اهڙو به ايندو، جو ان ۾ ڪو به نه هوندو ۽ ان جا رڳو خالي دروازا پيا کڙڪندا.“ (مسلم ۽ مسند احمد)


لفظ دوزخھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو