دوستلاڻي

دوستلاڻي (ذات): هي اصل ۾ کوسا آهن ۽ پنھنجي موروث اعليٰ دوست خان کوسي جي نالي پويان ڪن پيڙهين کان دوستلاڻي سڏائين ٿا. کوسن کان سواءِ لغاري ذات ۾ بہ دوستلاڻي آهن، جن جي مورث اعليٰ جو نالو حيدر خان هو. لغارين جو وڏو، جنهن جي نالي پويان هو پاڻ کي دوستلاڻي سڏائين ٿا، سو ڪلهوڙن جي زماني ۾ ميان نصير محمد ڪلهوڙي جو هڪ وفادار ۽ بھادر سپاهي هو.


لفظ دوستلاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو