دوست محمد قاضي، مولانا: مولانا دوست محمد ولد حاجي آخوند ڏيئو 1340هه بمطابق 1922ع ڌاري مرزاپور، شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. ٽالپرن جي دور ۾ هن جا وڏا اصل سيوهڻ طرف جا ويٺل هئا، جتان هجرت ڪري مرزاپور، ضلعي شڪارپور ۾ اچي سڪونت پذير ٿيا. سندس خاندان مان ڪي قاضيءَ جي منصب تي فائز ٿيا، جنهنڪري سندس خاندان قاضي طور مشهور ٿيو. قاضي دوست محمد قرآن شريف ۽ سنڌيءَ جا ڇهه درجا ڳوٺ ۾ پڙهي وڌيڪ ديني تعليم ڳوٺ دڙي ۾ مولانا فيض محمد ڊکڻ جي مدرسي مان حاصل ڪئي. بعد ۾ علم لاءِ مدرسه دارالهديٰ ٺيڙهيءَ ۾ پڙهي 1364هه بمطابق 1945ع ۾ فارغ التحصيل ٿيو. مولانا دوست محمد ٺيڙهي ۾ پڙهڻ دوران سنڌي اسڪول ۾ ماستري به ڪندو هو. سنڌيءَ جو ڄاڻو هو. مدرسي ۾ 10 سال کن رهيو. آخري وقت ۾ پنهنجي ڳوٺ جي جامع مسجد ۾ مدرسو کولي اتي تعليم ڏيندو رهيو. مولانا طالبن جي رهائش لاءِ مدرسي ۾ ڪجهه ڪمرا به تعمير ڪرايا ۽ مدرسي جو نالو ’مدرسه مطلع الهديٰ‘ رکيائين. مولانا عربي ۽ فارسي کان سواءِ حفظ ۽ ناظره شعبن لاءِ علحده استاد مقرر ڪيا.
مولانا مدرس هئڻ سان گڏ بهترين مبلغ به هو. شاعر به هو، حج تي ويندو يا واپس ايندو هو ته الوداعي يا خوش آمديدي شعر چوندو هو. مولانا سياست ۾ به حصو ورتو. جمعيت علماءِ اسلام ضلعي شڪارپور جو اهم رڪن هو. هن مولانا حماد الله هاليجويءَ جي هٿ تي بيعت ڪئي. هيءُ شگر جي بيماريءَ سبب 13 ربيع الاول 1396هه بمطابق مارچ 1976ع تي وفات ڪري ويو.