دوست محمد قاضي، مولانا: مولانا دوست محمد ولد حاجي آخوند ڏيئو 1340ھہ بمطابق 1922ع ڌاري مرزاپور، شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. ٽالپرن جي دور ۾ هن جا وڏا اصل سيوهڻ طرف جا ويٺل هئا، جتان هجرت ڪري مرزاپور، ضلعي شڪارپور ۾ اچي سڪونت پذير ٿيا. سندس خاندان مان ڪي قاضيءَ جي منصب تي فائز ٿيا، جنهنڪري سندس خاندان قاضي طور مشھور ٿيو.قاضي دوست محمد'> قاضي دوست محمد قرآن شريف ۽ سنڌيءَ جا ڇھہ درجا ڳوٺ ۾ پڙهي وڌيڪ ديني تعليم ڳوٺ دڙي ۾ مولانا فيض محمد ڊکڻ جي مدرسي مان حاصل ڪئي. بعد ۾ علم لاءِ مدرسہ دارالهديٰ ٺيڙهيءَ ۾ پڙهي 1364ھہ بمطابق 1945ع ۾ فارغ التحصيل ٿيو. مولانا دوست محمد ٺيڙهي ۾ پڙهڻ دوران سنڌي اسڪول ۾ ماستري بہ ڪندو هو. سنڌيءَ جو ڄاڻو هو. مدرسي ۾ 10 سال کن رهيو. آخري وقت ۾ پنھنجي ڳوٺ جي جامع مسجد ۾ مدرسو کولي اتي تعليم ڏيندو رهيو. مولانا طالبن جي رهائش لاءِ مدرسي ۾ ڪجهہ ڪمرا بہ تعمير ڪرايا ۽ مدرسي جو نالو ’مدرسہ مطلع الهديٰ‘ رکيائين. مولانا عربي ۽ فارسي کان سواءِ حفظ ۽ ناظره شعبن لاءِ علحده استاد مقرر ڪيا.
مولانا مدرس هئڻ سان گڏ بھترين مبلغ بہ هو. شاعر بہ هو، حج تي ويندو يا واپس ايندو هو تہ الوداعي يا خوش آمديدي شعر چوندو هو. مولانا سياست ۾ بہ حصو ورتو. جمعيت علماءِ اسلام ضلعي شڪارپور جو اهم رڪن هو. هن مولانا حماد ﷲ هاليجويءَ جي هٿ تي بيعت ڪئي. هيءُ شگر جي بيماريءَ سبب 13 ربيع الاول 1396ھہ بمطابق مارچ 1976ع تي وفات ڪري ويو.