دولتپورشهر جو هڪ ڏيک

دولتپورشهر جو هڪ ڏيک

دولتپور دولتپور صفن

دولتپور/ دولتپور صفن (شهر): دولتپور شهر، ضلعي نوابشاهه جو هڪ تعلقو آهي. هي شهر دولتپور صفن جي نالي سان به مشهور آهي. دولتپور صفن نئين جوڙجڪ مطابق ضلعي بينظير آباد (نوابشاهه) جو چوٿون نمبر وڏو شهر ۽ ٻارهن يونين ڪائونسلن تي مشتمل ٽيون نمبر تعلقو آهي. هي شهر هن کان اڳ تعلقي موري ۾ شامل هو، پر دولتپور کي 1989ع ۾ موري کان الڳ ڪري تعلقي جو درجو ڏنو ويو. شهر دولتپور قومي شاهراهه تي قاضي احمد ۽ موري جي وچ تي آباد آهي. شهر کي اوڀر طرف کان باءِ پاس آهي. هي شهر ڪڏهن آباد ٿيو ۽ ڪنهن آباد ڪيو، ان لاءِ ڪا واضع تاريخي ڄاڻ ڪانه ٿي ملي، پر سنڌ جي تاريخي ڪتابن ۾ جيڪا ٿوري گهڻي معلومات ملي ٿي، ان جي آڌار تي هن شهر جي ماضيءَ جي تاريخي ڄاڻ ۽ اهميت هن ريت آهي: خيال آهي ته هي شهر مغلن جي دؤر حڪومت ۾ ’دولت آباد‘ جي نالي سان آباد هو. تاريخ مظهر شاهجهانيءَ ۾ سترهين صديءَ عيسويءَ جي سنڌ جو نقشو ڏنل آهي، جنهن ۾ ’دولت آباد‘ نالي هڪ شهر جي نشاندهي ٿيل آهي. دولت آباد جي ماڳ جي بيهڪ معلوم ڪجي ٿي ته پڪ سان اهو دولت آباد جو شهر موجوده دولتپور صفن ئي معلوم ٿئي ٿو. تاريخي اهڃاڻن ۽ آثارن جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته هي شهر سترهين صديءَ عيسويءَ ۾ آباد ٿيو ۽ پنهنجي عروج تي هو. ڪلهوڙن جي دؤر حڪومت ۾ به هي شهر دفاعي اهميت وارو رهيو آهي. ان ڳالهه جي ثابتي تاريخي آثارن مان ملي ٿي، جيڪي دولتپور جي ڀرپاسي ۾ اڄ به موجود آهن. انهن آثارن ۾ شهر جي اوڀر طرف مين شاهراهه ۽ ريلوي لائين جي وچ ۾ ڪلهوڙن جي دؤر ۾ اڏايل ڪوٽ يا قلعو اهم آهي. دولتپور صفن ۾ هن قلعي واري هنڌ تي اڄڪلهه سرڪار اَن جا گدام تعمير ڪرائي ڇڏيا آهن. هن قلعي لاءِ ڪن محققن جو خيال آهي ته اهو محمد حسن کهاوڙ تعمير ڪرايو هو، جيڪو هالاڻيءَ واري جنگ ۾ ڪلهوڙن جي طرف کان وڙهندي 1783ع ۾ مارجي ويو. کهاوڙ ذات جا ماڻهو اڄ به دولتپور شهر ۾ آباد آهن، جيڪي هن وقت پاڻ کي ’گهلو‘ سڏائين ٿا. هڪ روايت اها به آهي ته هي شهر سنڌ جي تاجدار ميان نور محمد ڪلهوڙي جي هڪ سپهه سالار سردار دولت خان کهاوڙ ٻَڌايو هو. خود ميان نور محمد ڪلهوڙي جو آرام گاهه پڻ دولتپور شهر جي اوڀر- اتر جي ڪنڊ تي چئن پنجن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ميان جا قبا (ميان نور محمد ڪلهوڙي ۽ سندس ڪجهه خانداني فردن جا) ۾ موجود آهي، جنهن کي ميان صاحب پنهنجي حڪمرانيءَ دوران تختگاهه بڻايو هو. سنڌ جي تختگاهه جي ويجهو ۽ تاريخي قلعي جي ثابتيءَ کان سواءِ هڪ ٻي ثابتي به هن شهر جي قدامت ۽ تاريخي هئڻ جو اشارو ڪري ٿي. مٿي جنهن قلعي جو ذڪر آهي ان جي اولهه طرف بلڪل ڀرسان شهر جي وچ ۾ مين شاهراهه جي لڳو لڳ ’مير متاري‘ جي درگاهه موجود آهي. ’تاريخ ڪلهوڙا‘ جلد پهرئين ۾ ڪلهوڙن جي دؤر ۾ هڪ بااثر وزير، مير متاري جو پڻ ذڪر ملي ٿو. هنن تاريخي ڪڙين کي ملائڻ سان چئي سگهجي ٿو ته اهو ’مير متارو‘ ساڳيو ڪلهوڙن جو نامور سپهه سالار ۽ بااختيار وزير سيد لطف الله عرف مير متارو ئي هو، جنهن جي مزار روايتي طور اڄ هڪ ڪامل درويش جي حيثيت وٺي چڪي آهي. مٿين تاريخي حقيقتن کي سامهون رکي چئي سگهجي ٿو ته دولتپور صفن جو موجوده شهر تاريخ جي ان دؤر ۾ هڪ اهم حيثيت وارو ۽ وڏو شهر هو. دولتپور جو شهر سنڌو درياهه جي اوڀر واري ڪپ تي چئن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آباد آهي. درياهه جي ڪچي وارو علائقو شهر کان صرف اڌ ڪلوميٽر پنڌ کان شروع ٿئي ٿو. ڪچي جي علائقي ۾ مشهور ڪنداهه ٻيلو به هو (جنهن جو هڪ حصو درياهه جي ٻئي پاسي سيوهڻ تعلقي ۾ آهي). هي ٻيلو وقت جي بي رحم هٿن وسيلي وڍجي برباد ٿي چڪو آهي ۽ ان تي هاڻي مختلف ماڻهن جا قبضا آهن ۽ اُتي پوک ڪئي وڃي ٿي. شهر جي اولهه طرف ڪنداهه ٻيلي کان سواءِ سرڪاري شڪارگاهه ۽ ديهه سکپور ۾ درياهه جا ننڍا ٻيٽ ۽ ڍنڍون موجود آهن. روايت آهي ته 1932ع ۾ سنڌو درياهه ۾ وڏي ٻوڏ آئي، تڏهن شهر کان اولهه ڪچي مان صفن ڳوٺ جا ماڻهو لڏي، اصل دولتپور شهر جي اوڀر ۾ خالي پٽن تي اچي ويٺا، ان وقت کان هي شهر دولتپور صفن سڏجڻ ۾ آيو. معاشي، سماجي ۽ ثقافتي پسمنظر: مٿي جنهن پتڻ جو ذڪر آهي، اتي صفن نالي ڳوٺ هوندو هو، پتڻ جي ويران ٿيڻ ۽ درياهي اٿل سبب هي ڳوٺ به متاثر ٿيو. جتان جا ماڻهو لڏپلاڻ ڪري اچي دولتپور جي اوڀر طرف آباد ٿيا. جنهنڪري شهر جو اهو حصو ’صفن‘ سڏجي ٿو. اهڙيءَ ريت هن شهر تي ’دولتپور صفن‘ نالو پئجي ويو. ورهاڱي کان اڳ هي شهر وڏي ترقيءَ تي هو. هتي سنڌ جو هندو واپاري طبقو وڏي تعداد ۾ رهندو هو، جنهن جا واپاري لاڳاپا وسيع هئا. دولتپور ۾ سندن ڇڏيل جايون ڏسڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته کين فن تعمير سان تمام گهڻي دلچسپي هئي. هي بلند ۽ بالا عمارتون سکئي ستابي هئڻ سان سندن گڏ ثقافتي ذوق کي به اجاگر ڪن ٿيون. هي عمارتون فن تعمير جو بهترين نمونو آهن. علم ۽ ادب جي لحاظ کان به هي شهر سٺي اوج تي هو. دولتپور ۾ هڪ لائبرري ’اتم فري لئبرري‘ هوندي هئي. جنهن ۾ تمام وڏو علمي ذخيرو هو. ان کان سواءِ هڪ عاليشان تفريح گاهه به موجود هئي. شهر جي ڏکڻ طرف هڪ خوبصورت تلاءُ هو، جنهن ۾ ’سدا سهاڳڻ ڪُور‘ جو پاڻي ايندو هو، جنهن ڪُور تي پوڄا پاٺ به ٿيندي هئي. هن تلاءَ جي پاسن کان پڪين سرن جي چاڙهي ٺهيل هئي. اهي علمي ادبي ۽ تفريحي ماڳ تاريخ جي اٿل پٿل سبب ويران ٿي ويا. هي صاف شفاف پاڻيءَ وارو تلاءُ هن وقت سڄي شهر جي گندي پاڻيءَ جي کڏ بنجي ويو آهي. لائبرريءَ جو پورائو گهڻو وقت پوءِ شهر جي نوجوانن ’غلام محمد گرامي لائبرري‘ قائم ڪري ڪيو آهي، جنهن ۾ هن وقت پنجن هزارن کان مٿي ڪتاب ۽ رسالا موجود آهن. لائبرريءَ جي جڳهه نوجوانن پنهنجي مدد پاڻ هيٺ تعمير ڪرائي آهي.شهر ۾ رهندڙ مکيه ذاتيون: ڏاهري، هوٿيپوٽا (انڙن جي شاخ)، سيد، ملاح، ماڇي، لانگاهه، سومرا، ٻرڙا، گهلو (کهاوڙ)، چانڊيا، پيرزادا، اوٺا، راڄپر، عمراڻي، سرهيا، شيخ، جوڻيجا، ڪوري (جيڪي ابڙا ۽ کوکر پڻ سڏائين ٿا)، ڀنڊ، آرائين، خانزاده، قريشي، عباسي، راجپوت، پنهور، ڪاٺيا وغيره آهن. شهر جي مکيه ڪاروباري مرڪز تي اردو ڳالهائيندڙ طبقو حاوي آهي ۽ ڪجهه سنڌي ڳالهائيندڙ به واپار ۽ دڪانداريءَ ۾ مشغول آهن. هتان جي اڪثريت هيٺئين طبقي هاريءَ، مزدور ۽ ننڍي نوڪريءَ پيشه طبقي سان تعلق رکي ٿي. هن شهر کي نئين نظام هيٺ يونين ڪائونسل جو درجو ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ ٻهراڙيءَ جا ڳوٺ به شامل آهن. هي شهر ٽيليفون ذريعي سموري ملڪ سان ڳنڍيل آهي. تعليمي ادارا ۽ ٻيون آفيسون: انگريز دؤر ۾ دولتپور ۾ ريلوي اسٽيشن ۽ پوليس اسٽيشن قائم ڪئي وئي. هن وقت هن شهر ۾ هڪ هاءِ اسڪول، گرلس هاير سيڪنڊري اسڪول، گرلس پرائمري اسڪول، پنج بوائز پرائمري اسڪول ۽ گورنمينٽ ڊگري سائنس ڪاليج آهن. هي ڪاليج هتان جي سياسي شخصيت خان محمد ڏاهريءَ جي ٿوري وقت لاءِ وزير تعليم ٿيڻ دوران سندس ڪوشش سان قائم ٿيو. ڪاليج ۾ اسٽاف جي کوٽ آهي ۽ ڪاليج کي پراڻي گرلس هاءِ اسڪول جي جيڪا بلڊنگ ڏني وئي آهي. ان جي حالت به بهتر نه آهي. شهر ۾ پرائيويٽ سيڪٽر ۾ به تعليم جو سلسلو جاري آهي. خانگيءَ طرح ماڊرن گرامر هاءِ اسڪول ۽ برائيٽ فيوچر پبلڪ هاءِ اسڪول کان سواءِ هڪ عدد پرائمري انگلش ميڊيم ’اسڪول لٽل فوڪ‘ نالي سان ڪم ڪن ٿا. ان کان سواءِ ٻه عدد ڪمپيوٽر سينٽر به پرائيويٽ سيڪٽر ۾ ڪم ڪن ٿا. شهر ۾ تعلقي اسپتال به آهي، پر ان جي بلڊنگ تمام ناقص آهي. شهر جي اتر طرف تيل ڪمپني پاڪستان اسٽيٽ آئل جو ڊيپو، اوڀر طرف برما شيل جو آئل ڊيپو موجود آهن. تعلقي هيڊڪوارٽر هئڻ ڪري هتي مختيارڪار، اي. ڊي. او روينيو، سول جج، ايڊيشنل سيشن جج، ٽي. پي. او جون آفيسون آهن. شهر اندر ۽ ٻاهر ڪجهه بزرگن جون مزارون آهن، جهڙوڪ: شهر اندر مير متاري جي درگاهه کان سواءِ سيد مقيم شاهه، سيد محبوب شاهه جون مزارون آهن. شهر جي اوڀر طرف سيد ٻڍل شاهه ۽ سيد حاجي امين شاهه جون مزارون آهن. هتي هر سال سيد حاجي امين شاهه جو عرس عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو آهي. شهر جون مشهور شخصيتون: ڪلهوڙن جي دؤر ۾ هتي ڏاهري سردارن جو وڏو اثر رسوخ هوندو هو. ڪلهوڙا دؤر جو مشهور عالم ميون ابوالحسن ڏاهري، دولت پور علائقي جي سن ساوڙي سان تعلق رکندو هو. خواجه محمد زمان لنواريءَ جي خاص مريد ميان حاجي صالح ڏاهري دولتپور کان ٻه ڪلوميٽر اوڀر ۾ گِڙ جي ڀرسان دفن آهي. موجوده دؤر ۾ دولتپور علائقي ٻه پي. ايڇ. ڊي اسڪالر پيدا ڪيا آهن. ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تاريخ جو پروفيسر آهي ۽ ٻيو ڊاڪٽر غلام محمد ڏاهري، جنهن ميون ابوالحسن ڏاهريءَ تي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتي ۽ هن وقت مهراڻ ڪاليج موري جو پرنسپال آهي. ان کان سواءِ ڏاهري خاندان جا سردار رضا محمد ڏاهري، سردار مٺل ڏاهري، سردار خان محمد ڏاهري، ڊاڪٽر بهادر ڏاهري هن علائقي مان سنڌ اسيمبليءَ جا ميمبر چونڊيا، سردار خان محمد ڏاهري ڪجهه وقت تعليم جو وزير به رهي چڪو آهي. دولتپور جي ٻين مشهور شخصيتن ۾ حاجي ڪبير خانزادهه، سياسي ادبي شخصيت مولابخش ٻرڙو، استاد رجب لانگاهه مرحول، سيٺ حاجي نور محمد خانزادهه، عاصم ڪبير خانزاده (سابق ايم. پي. اي)، انجنيئر محمد متين خانزاده، ڊاڪٽر محمد علي لانگاهه، ڊاڪٽر عبدالقادر خانزاده، ڊاڪٽر سعيد احمد خانزاده، ڊاڪٽر خالد حسين سومرو، سيد علي گوهر شاهه، وزير حسين لانگاهه، محمد رمضان ٻرڙو (سنيئر ٽيڪنيڪل سورس آفيسر اينگرو ڪيميڪل پاڪستانسيد علي اڪبر شاهه (سابق ڊائريڪٽر ڪاليجز)، ڪئپٽن ڊاڪٽر عبدالغفور خانزاده، حاجي محمد هاشم ملاح، سيٺ حاجي عبدالله عمراڻي، رجب علي جوڻيجو (جهونو صحافي)، محمد عيسيٰ سومرو (پهريون گرئجوئيٽ)، ڊاڪٽر خليل لاکو، محبوب علي جوکيو، پروفيسر ارشاد اوٺو شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو