دولت خانہ

دولت خانہ (محل): 1881ع ڌاري نواب صادق محمد خان چوٿين، ٻہ لک روپين جي خرچ سان بھاولپور ۾ هڪ ٻيو محل اڏرايو، جيڪو ’دولت خانہ‘ جي نالي سان مشهورٿيو، ان جي چؤگرد هڪ قلعي جهڙي ڀت اڏائي ويئي هئي ۽ ڀت سان گڏ اندر هڪ سھڻو باغ پڻ لڳايو ويو هو. ان جي آسپاس بگهي خاني، رٿ خاني ۽ توشہ خانيءَ جو عمارتون هيون ۽ گڏوگڏ چار سئو فوٽ ڊگهو ۽ هڪ سؤ پنجاھہ فوٽ ويڪرو تلاءُ بہ هو، جنهن جي سامهون ننڍڙي سھڻي مسجد تعمير ڪرائي وئي هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو