دولت خان لوڌي: ’تحفة الڪرام‘ ۾ مير علي شير قانع ٺٽوي ڄاڻائي ٿو تہ جڏهن اڪبر بادشاھہ مرزا عبدالرحيم خان خانان کي سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ موڪليو تہ ان وقت سنڌ تي مرزا جاني بيگ ترخان جي حڪومت هئي. جنگ ۾ خان خانان کي فتح ٿي ۽ هن مرزا جانيءَ کي اڪبر بادشاھہ وٽ حاضر ٿيڻ جو حڪم ڏنو. جڏهن مرزا جاني هلڻ لاءِ تيار ٿي ويو، تڏهن خان خانان، دولت خان لوڌيءَ کي سنڌ (ٺٽي) جي حڪومت جون واڳون ڏئي، پاڻ مرزا جاني بيگ کي وٺي اڪبر بادشاھہ ڏانهن هليو ويو. خان لوڌي'>دولت خان لوڌي حڪومتي نظام مغل سلطنت جي دستور مطابق هلائڻ لڳو، ڪجهہ ڏينهن کان پوءِ اڪبر بادشاھہ مرزا جاني بيگ کي وڏي عزت ۽ احترام سان پاڻ وٽ سڏايو، سڄي سنڌ کيس موٽائي ڏنائين ۽ لوڌي خان کي حڪم ڏنائين تہ مرزا جانيءَ جي حرمن کي دارالحڪومت روانو ڪيو. مرزا جاني بيگ، خان خانان کي گذارش ڪئي تہ اها اسان لاءِ وڏي بدناميءَ جي ڳالھہ آهي، جنهن تي خان خانان، اڪبر کي راضي ڪري ورتو ۽ مرزا جاني جي حرمن کي بکر کان واپس سنڌ موڪليو ويو ۽ خان لوڌي'>دولت خان لوڌي حڪومتي ڪاروبار مرزا غازي بيگ ترخان جي حوالي ڪيو.