دولت شاھہ امير

دولت شاھہ امير: نامور مؤرخ، اديب ۽ شاعرامير‘ دولت شاھہ، علاءُ الدوله بختي شاھہ جو پٽ هو، جنهن جو ڪتاب ’تذڪره دولت شاھہ‘ مشھور آهي، جنهن ۾ ننڍي کنڊ جي سمورن قديم فارسي ٻوليءَ جي شاعرن جو مڪمل احوال موجود آهي. دولت شاھہ ايران جي شھر اسفرائين جي هڪ جاگيردار خاندان مان هو. سندس والد، تيمور بادشاھہ جي پٽ شاھہ رخ مرزا جو خاص مصاحب هو. هن جڏهن ’تذڪره دولت شاھہ/ تذڪره الشعرا‘ لکڻ شروع ڪيو تہ ان وقت سندس عمر تقريباً پنجاھہ سال هئي ۽ تقريباً 892ھہ/1487ع ۾ پنھنجي وفات واري سال مڪمل ڪيو، پر هن جي وفات جي تاريخ معلوم نہ آهي. مشھور وزير علي شير نوائي، دولت شاھہ تعريف ڪندي لکي ٿو تہ هن وڏن ماڻهن سان اُن ڪري ملڻ جلڻ ترڪ ڪري ڇڏيو هو تہ جيئن پنهنجو قيمتي وقت ڪتابن جي مطالعي ۽ پنھنجي ڪتاب ’تذڪره دولت شاھہ‘ لکڻ ۾ صرف ڪري. هن جو ڪتاب ’تذڪره الشعرا‘ سڀ کان آڳاٽو تذڪرو آهي. هن تذڪري جا ست حصا آهن. هر حصي ۾ تقريباً ويهن شاعرن جو ذڪر آهي، جن جي احوال سان گڏوگڏ سندن شاعري ۽ سلطانن جو بہ تفصيلي ذڪر آهي. ڪتاب جي تفصيلي ديباچي ۾ شاعريءَ جي جن فن تي بحث ڪيو ويو آهي. ستن حصن مان آخري حصو انهن ستن شاعرن لاءِ مخصوص آهي، جيڪي مصنف جا همعصر هئا. ان ۾ سلطان حسين مرزا بايقرا جي مدح و ثنا بہ ڪيل آهي، جيڪو بادشاھہ هئڻ سان گڏوگڏ هڪ وڏو عالم، فاضل ۽ شاعر هو. تذڪري ۾ شاعرن جي ڪلام جو تمام عمدو انتخاب ڏنل آهي. هن تذڪري ۾ فارسيءَ جي نامور شاعرن جو احوال بہ موجود آهي. دولت شاھہ پنھنجي زندگيءَ جو هر وقت صرف علم حاصل ڪرڻ ۽ تصنيف و تاليف ۾ صرف ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو