دولت شاھہ عرف بودلي بھار جو مقام: هي قبرستان غيبي ديري سان لڳ اتر اولھہ جي ڪنڊ تي آهي. بودلو بادشاھہ سبزواري سيد هو. چيو وڃي ٿو تہ سيلاني هو ۽ سردار ملڪ غيبي خان جي والد سردار مرزا خان وٽ اچي رهيو هو. جڏهن سردار مرزا خان، مرزا پور کان لڏي اچي غيبي ديري ويٺو تہ هي درويش بہ هن سان گڏ هتي آيو ۽ هتي وفات ڪيائين. هن جي وصيعت مطابق هن کي اتي ئي دفن ڪيو ويو. جڏهن غيبي خان جو دور آيو ۽ غيبي ديري ترقي ڪئي تہ هندو توڙي مسلمان سڀئي هتي رهڻ لڳا ۽ پنھنجي مٽن مائٽن کي هتي بودلي بادشاھہ جي ڀر ۾ دفن ڪرڻ لڳا. هن وقت هي وڏو قبرستان آهي. هن بزرگ جي وفات جي تاريخ جي ڪا بہ خبر نٿي پوي.