دولت مشترڪه
دولت مشترڪه (Commonwealth): هي انهن ملڪن جي تنظيم آهي، جيڪي نو آبادياتي دؤر (colonization) ۾ برطانيه جي تسلط هيٺ هئا. تنظيم جو پورو نالو قومن جي دولت مشترڪه آهي. هيءَ تنظيم 1926ع ۾ ان وقت قيام ۾ آئي، جڏهن برطانوي سلطنت جو زوال شروع ٿيو. دولت مشترڪه جا 53 ملڪ ميمبر آهن، جن ۾ پاڪستان ۽ ڀارت به شامل آهن. هن تنظيم کان علاوه به ’دولت مشترڪه‘ نالي تنظيم آهي، جيڪا ’آزاد ملڪن جي دولت مشترڪه‘ سڏجي ٿي. جڏهن ته آسٽريليا جي دولت مشترڪه پڻ قائم ٿيل آهي، پر قومن جي دولت مشترڪه هڪ الڳ تنظيم آهي. هيءَ ڪا سياسي تنظيم ناهي. ’قومن جي دولت مشترڪه‘ وارو اصطلاح 1884ع ۾ لارڊ روز بيريءَ جي آسٽريلوي دوري جي موقعي تي متعارف ٿيو هو.
’برطانوي ملڪا ايلزبٿ-II هن تنظيم جي سربراهه آهي، جڏهن ته تنظيمي معاملا سيڪريٽري جنرل سنڀاليندو آهي، پر اهو واضح رهي ته ٻنهي عهديدارن جو ڪنهن به ميمبر ملڪ تي ڪو سڌو اختيار ناهي ۽ 53 ئي ملڪ آزاد آهن. دولت مشترڪه جي قيام جا مُک مقصد هن ريت آهن:
(1) اقتصادي تعاون کي هٿي ڏيارڻ،
(2) جمهوريت جي فروغ لاءِ ڪوششون وٺڻ،
(3) انساني حقن جي پاسداري ڪرڻ.
هڪ تازي اندازي موجب قومن جي ’دولت مشترڪه‘ جي ملڪن جي ڪل آبادي هڪ ارب نوي ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي، جنهن مان 4 وڏا ملڪ ڀارت، پاڪستان، بنگلاديش ۽ نائجيريا ليکجن ٿا. جڏهن ته ننڍي ۾ ننڍو ملڪ ’ٽو والو‘ ليکجي ٿو، جنهن جي آبادي 11 هزار آهي. پاڪستان ان جو ميمبر آگسٽ 1947ع کان آهي، پر 1972ع ۾ تنظيم پاران بنگلاديش کي تسليم ڪرڻ تي احتجاج طور رڪنيت تان هٿ کڻي ويو هو، پر پوءِ 1989ع کان ٻيهر تنظيم ۾ شامل ٿيو. تنظيم جو هيڊڪوارٽر لنڊن ۾ آهي. ڊون ميڪ ڪينون 1991ع کان ان جو سيڪريٽري جنرل آهي. هر چئن سالن بعد اولمپڪ راندين جي طرز تي ’ڪامن ويلٿ گيمز‘ جو انعقاد به ٿيندو آهي. 1999ع ۾ جنرل پرويز مشرف پاران نوازشريف جي حڪومت کي ختم ڪري، مارشل لا مڙهڻ تي تنظيم پاران پاڪستان جي رڪنيت معطل ڪئي وئي، ۽ وري 2004ع ۾ اها رڪنيت بحال وري ٿي. دولت مشترڪه جي ملڪن جي سڃاڻپ ۾ ڪرڪيٽ راند کان سواءِ روڊ توڙي پٽڙيءَ تي ڊرائيونگ جو نظام ساڄي پاسي کان مقرر آهي، جڏهن ته انهن ملڪن ۾ آمريڪي، نه پر برطانوي انگريزي استعمال ٿيندي آهي.
برطانوي دولت مشترڪه مخلتف نسلن مختلف تهذيبن ۽ ثقافت رکندڙ ملڪن جي هڪ منفرد انجمن آهي. انهن مان اڪثريت انهن ميمبرن جي آهي، جيڪي آفريڪا ۽ ايشيا جي کنڊن ۾ برطانيه جون بيٺڪيون رهي چڪا آهن. انهن جي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيڻ جو مقصد مختلف معاملن ۾ هڪٻئي سان سهڪار ڪرڻ، واپار کي هٿي ڏيڻ وغيره شامل آهي. برطانيه کي هن جماعت ۾ مرڪزي حيثيت آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ ته ان جي بنياد وجھندڙ ميمبرن مان هڪ آهي ۽ ٻيو ان جي ترقياتي منصوبن ۾ گھڻو حصو برطانيه جو آهي. اڳوڻين بيٺڪيتن جو انهيءَ ۾ شامل رهڻ جو سبب هيءُ آهي ته اها تنظيم انهن بيٺڪيتن جي اقتدار اعليٰ ۽ خود مختياريءَ ۾ ڪا رنڊڪ نه ٿي وجھي. جڏهن ته اها تنظيم انهن ملڪن کي سماجي ۽ اقتصادي معاملن ۾ مثبت فائدا پهچائي ٿي.