
دولهه دريا خان جو مقبرو
دولھہ دريا خان جو مقبرو: هيءُ مقبرو سنڌ جي امر شھيد ۽ سما دؤر حڪومت جي وزيراعظم دولھہ دريا خان جو آهي. هيءُ مقبرو مڪلي جي ٽڪريءَ تي ڄام نظام الدين جي مقبري جي بلڪل سامهون آهي. هي مقبرو 1490ع ڌاري تعمير ڪيو، جيڪو پندرهين صدي عيسويءَ جو بھترين تعميراتي يادگار معلوم ٿئي ٿو. هيءُ مقبرو اڏاوت ۾ منفرد آهي، جنهن تي ڪنهن بہ قسم جو گنبذ وغيرہ اڏيل ناهي، بلڪہ هڪ چؤديواري آهي، جنهن جي وچ صحن تي قبرون آهن. مقبري جي ڏاکڻين ديوار جي مهاڙيءَ تي ڪنگرا ۽ پاريڙو ڏنل آهي ۽ خوبصورتيءَ لاءِ ٻنهي پاسي هڪ جارو ڇڏيل آهي. مقبري جي اندرئين پاسي ۾ اولھہ واري ڀت ۾ محراب ٺهيل آهي، جنهن جي هر پاسي تي پٿر جا پاوا ٺاهيل آهن. محراب ۽ چئني پاسن واري ديوار توڙي پاون تي نهايت ئي نازڪ ۽ نفيس قسم جي چٽسالي ٿيل ملي ٿي. مقبري کي ٻہ لنگهہ آهن، هڪ ڄام نظام الدين واري مقبري جي طرف يعني ڏکڻ کان ۽ ٻيو اولھہ کان ڇڏيل آهي.
مقبرو ڏيڍ ٻن فوٽن تا ئين زمين کان مٿي آهي، جنهن ڪري لنگهہ ۾ ڏاڪڻيون ٺهيل آهن. ديوار تي محرابي بُرجَ پڻ ٺهيل آهن. هن تاريخي عمارت ۾ پيلي گهڙيل پٿر جو استعمال ٿيل آهي. مقبري جي مهاڙيءَ ۾ چوڪور دروازو آهي، دروازي جي مٿان بہ اڪر ٿيل آهي. مهاڙي وري ٻيڙ ٻني تي پندرهن برجيون آهن ۽ ٻنهي پاسي جارا ڇڏيل آهن، جن کي گهوڙيون ڏنل آهن. مهاڙي واري در ۾ هينئر ڪاٺ ۽ ڄاريءَ جو ٺهيل در هنيو اٿن. مقبري جي صحن ۾ دولھہ درياھہ خان جي مزار وچ تي آهي، جنهن جي مٿان تاج آهي، جيڪو بہ پٿر جو آهي. دولھہ دريا خان جي مزار مقبري ۾ موجود ٻين مزارن وانگر پٿرن جي ٿلهي تي آهي. هن مزار تي بہ چٽسالي ۽ اڪر جو ڪم ٿيل آهي. دولھہ دريا خان سنڌ جو ا هو سورمو آهي (وڌيڪ ڏسو دولھہ دريا خان)، جنهن سنڌ جي ننگ ۽ ناموس تان پٽن سميت قرباني ڏني ۽ شھيد ٿيو. هيءُ مقبرو عمارت سازيءَ ۾ سنڌي عمارت سازي جو نادر نمونو آهي.