دولھہ رام شوقي: ڪتاب ’تذڪره مقالات الشعراء‘ ۾ مير علي شير قانع ٺٽوي ڄاڻائي ٿو ته، دولھہ رام شوقي، ديوان گدو مل جو ملازم هو. دولھہ رام عالم، فاضل ۽ شاعر هو، پر انشاء پردازيءَ جي فن ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. ڪلهوڙن توڙي ٽالپرن جي درٻار سان بہ وابستہ رهيو. هي هالا ڪنڊيءَ ۾ رهندو هو.
دولھہ رام شوقي سنڌ جي نامور تاريخدان، محقق ۽ شاعر مير علي شير قانع جو صحبتي پڻ هو. ’مقالات الشعراء‘ يا ٻين ڪتابن ۾ مير علي شير قانع گهڻيون روايتون دولھہ رام شوقيءَ کان نقل ڪيون آهن.