
دونهون
دونهون: جڏهن باھہ ٻرندي آهي تہ ٻارڻ مان سنهن سنهن ذرن سان گرم هوا مٿي اٿندي آهي، ان کي دونهون چوندا آهن. دونهي ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جا ذرا ۽ ٻيون ڪيتريون ئي گئسون هونديون آهن، جيڪي ڪنهن مادي کي باھہ ڏيڻ جي ڪري ان مان خارج ٿينديون آهن. ڪنهن بہ مادي، ڪاٺين، ڪکن، ڪاغذن وغيرہ جي سڙڻ واري شروعاتي مرحلي ۾ دونهون وڌيڪ نڪرندو آهي. دونهين ۾ ڪاربان جا سڙيل ذرا وڏي مقدار ۾ هوندا هئا. جڏهن سڙڻ جو عمل تيز ٿيندو آهي تہ دونهون گهٽ ٿيندو آهي. آڳاٽي زماني ۾ جنگ دوران اهم جڳهين تي دشمن جي حملي کان بچائڻ خاطر دونهين جا ڪڪر پيدا ڪيا ويندا آهن. اهو دونهون بيڪار تيل کي ساڙي پيدا ڪيو ويندو هو. دونهين جا ڪڪر انهن مقامن کي لڪائي ڇڏيندا هئا تہ جيئن دشمن جي نظر انهن تائين نہ پهچي سگهي. ٻهراڙين ۾ اڪثر مال جي وٿاڻن مان مڇرن کي ڀڄائڻ لاءِ دونهون ڪيو وڃي ٿو. ان سميت باغن وغيرہ ۾ بہ وڻن کي نقصان پهچائيندڙ جيتن جي خاتمي لاءِ دونهون ڪيو ويندو آهي.
ڀاڳيا مال کي مڇرن کان بچائڻ لاءِ ڀاڻ جو دونهون ڪن. انهيءَ تمثيل آڌار لطيف سائين دونهي کي سر سھڻي ۾ بہ ڪتب آندو آهي. سھڻي ٿي چوي تہ ميهار جون دونهيون منهنجي دل اندر آهن.
محبتي ميهار جون، دل اندر دونهيون،
آڻيو وجهي آر ۾، لوهاڻيون لوهيون،
جي ساهڙ جون سونهيون، سر سراڙو تن کي.
(حوالو: بلوچ ڊاڪٽر، شاھہ جو سڄو، صحيح سربستو رسالو، سر سهڻي، داستان چوٿون، بيت نمبر 19، صفحو 518).