دونهين

دونهين: دونهين شام جي وقت چوپايي مال کي مڇرن کان بچائڻ لاءِ وٿاڻ جي ڀاڻ مان ٽانڊن سان ٻاريل ڍِڳيءَ کي چيو ويندو آهي. ڳوٺن ۾ اڪثر مڇرن جي موسم ۾ (گهڻين گهُٽن ۽ برساتن) ۾ چوپايي مال کي مڇرن کان بچائڻ لاءِ ڪئي وڃي ٿي. پاڻيءَ جي دٻن ۽ ڪچري جي ڍيرن تي مڇر پيدا ٿيندا آهن ۽ پوءِ رات جو اهي گهرن ۾ پاليل چوپائي مال کي چڪ پائيندا آهن. انهن جي چڪڻ سبب چوپايو مال متاثر ٿئي ٿو، تنهن کي مڇرن کان بچائڻ لاءِ ڳوٺ جون عورتون صبح کان ئي ڪک ڪانا، مال جي گاھہ جا لتاڙيل ۽ ڇڏيل ذرا (اولڙ)، مال جا ڇيڻا ان دونهينءَ تي اڇلائينديون رهنديون آهن ۽ پوءِ جيئن ئي مال وٿاڻن ڏانهن ورندو آهي ۽ مڇرن جو وقت ٿيندو آهي تہ ان کي تيلي ڏيئي دکائينديون آهن. هي دونهيون اڪثر مڇرن کي ڀڄائڻ جي خيال کان ٻاريون وڃن ٿيون، سڪل ۽ آلي ڪچري مان دونهون گهڻو نڪرندو ۽ آسپاس پکڙبو آهي، جنهن سان مڇر آسانيءَ سان جلد مال جي وٿاڻ مان ڀڄي ويندا آهن.
دونهين کي لطيف سائين بہ پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪتب آندو آهي تہ:
ڪٿي ٿئو ميهار، ڪٿي ٿو گهنڊ گُڙي،
ڪٿي دونهين دوست جي، ڪٿي پريون پار،
جه مون سڀ ڄمار، جر ۾ جهوتون ڏنيون.
(سُر سھڻي: بلوچ، ڊاڪٽر: شاھہ جو سڄو، صحيح سربستو رسالو ص: 520)
- تياڳ ويراڳ جا پانڌيئڙا، دنيا کان بي غرض ٿي جهر جهنگ جهاڳيندڙ جوڳي بہ پنھنجي عارضي آستانن تي دونهيون دکائيندا آهن ۽ پنھنجي منهن اڪيلائي ۾ ويهي رب ۽ رام کي ريجهائيندا يعني حقيقت کي ڳولڻ جي ڪندا آهن. اهڙن جوڳين ۽ سامين سناسين جي مڙهين ۽ دونهين (عارضي آستانن) جو ذڪر شاھہ عبداللطيف ڀٽائي پنھنجي سُر رام ڪلي ۾ ڪيو آهي. جوڳين جي دکايل دونهين جو ذڪر گهڻن ئي بيتن ۾ ملي ٿو:
جي ڀانئين جوڳي ٿيان، تہ سڱيون سيليون ڇڏ،
دونهنيئون دور ٿيءُ، مڙهي مور مَ اڏ،
سپيريان جي سڏ، نانگا وانءُ نڱئو.
(ص: 434)


لفظ دونهينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو