دونهين جي درگاھہ

دونهين جي درگاھہ: دونهين جي نقوي پيرن جو مورث اعليٰ سيد محمد شاھہ هڪ سيلاني فقير عارف ۽ درويش ٿي گذريو آهي. ڪلهوڙن جي اوائلي دؤر ۾ هيءُ درويش سير سفر دوران ملتان مان ٿيندو سيوهڻ ۾ حضرت لعل شھباز قلندر جي درگاھہ تي آيو، جتي ڪجهہ عرصو رياضت ڪري مدئجي ضلعي شڪارپور جي ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ اچي رهيو، اتي ڪجهہ وقت حڪومت ڪري، هي رياست خيرپور جي هڪ ڳوٺ ميان خان ۾ اچي رهيو، جتي وفات ڪيائين. کيس شيخ طيب جي مقام ۾ سپردِ خاڪ ڪيو ويو. انهيءَ سفر دوران سندس فرزند سيد موٽڻ ساھہ بہ ساڻس گڏ هو، جيڪو پنھنجي پيءُ جي وفات کان پوءِ ’تارڪ طريل‘ ۾ اچي رهيو، جتيسيد‘ جي بدران ’آهيڙي‘ سڏايائين. هو هڪ وڏو صاحبِ ڪرامت هو. تنهنڪري سندس اصل ذات لڪي نہ سگهي. ماڻهن جي رجوعات ڏسي هي سيد اتان هجرت ڪري ٻٻرلوءِ شھر جي ڀرسان ڳوٺ ميرانپور ۾ اچي ’دونهين‘ دُکائي ويهي رهيو. ان ڳوٺ ۾ ڦُليا ذات جا ڪجهہ زميندار رهندا هئا، جن سيد موٽڻ شاھہ کي ستائڻ شروع ڪيو، جنهن ڪري ڦلين کي پاراتو ڏنائين تہ:
کريا کوھہ ڦلين جا، ولهيون ٿيون وايون،
جيڪي جهنگ ڇڙي ويون، سي نہ آيون،
انهن جون مايون، پيون جنڊ ڪڍنديون.
روايت آهي تہ انهيءَ ڏينهن کان وٺي ڦلين جا کوھہ ڦٽي ويا ۽ هو هڪ هڪ ٿي اتان لڏي ويا، ڳوٺ جا باقي ماڻهو شاھہ صاحب جا معتقد بڻجي ويا، ان ڏينهن کان ئي ميرانپور تي ’موٽڻ شاھہ جي دونهين‘ جو نالو پئجي ويو. سيد موٽڻ شاھہ جي وفات کانپوءِ سندس وڏو پٽ ابراهيم شاھہ ’دونهين جي درگاھہ‘ جو سجادہ نشين ٿيو، جيڪو بہ پنھنجي وقت جو وڏو ڪامل ولي ٿي گذريو آهي. مخدوم محمد اسماعيل پريان لوءِ وارو سندس گهاٽو دوست هو. سيد ابراهيم شاھہ کي سيد مھر علي شاھہ، سيد پير شاھہ، سيد مقصود علي شاھہ ۽ سيد حيدر علي شاھہ نالي چار فرزند هئا، جن مان سڀني کان ننڍو فرزند سيد حيدر علي شاھہ درگاھہ جو سجادہ نشين ٿيو. ان کانپوءِ سندس فرزند سيد عابدين شاھہ گادي نشين ٿيو. جنهن بعد سندس فرزند سيد لشڪر علي شاھہ درگاھہ جو سجادہ نشين ٿيو. ان کانپوءِ سندس پٽ خاڪي شاھہ (اول) گاديءَ تي ويٺو، اهي سمورا سادات پنھنجي دؤر جا عالم، فاضل ۽ صاحبِ ڪرامت ٿي گذريا آهن.
سيد خاڪي شاھہ (اول) جي وفات کان پوءِ سندس پٽ سيد بخش شاھہ درگاھہ جي مسند سنڀالي، سيد بخش شاھہ کي سيد جعفر علي شاھہ ۽ سيد انور علي شاھہ نالي ٻہ فرزند ٿيا، جن مان سيد انور علي شاھہ درگاھہ جو گادي نشين ٿيو، جنهن کي سيد فقير علي شاھہ ۽ سيد صادق علي شاھہ نالي ٻہ فرزند هئا، جيڪي پڻ چڱا درويش هئا، جن مان سيد فقير علي شاھہ دونهين جي درگاھہ جو سجادہ نشين ٿيو. سيد فقير علي شاھہ کي سيد خاڪي شاھہ (ثاني) ۽ سيدعلڻ شاھہ نالي ٻہ نينگر هئا. سيد خاڪي شاھہ (ثاني) سيد فقير علي شاھہ کانپوءِ درگاھہ جي گادي سنڀالي. سيد خاڪي شاھہ (ثاني) کانپوءِ سندس فرزند سيد بخش علي شاھہ درگاھہ جو گادي نشين مقرر ٿيو.



لفظ دونهين جي درگاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو