دوٿر (مڇي): دوٿر، سامونڊي مڇي آهي، جيڪا ڏنديو مڇيءَ جهڙي بي ڊولي ٿئي، پر ڏنديو هن کان ويڪري ۽ ڊيگهہ ۾ ننڍي ٿئي. دوٿر کي پيلا ڇلر ٿين. هن جي پڇ جا ڪنڊا وکريل ٿين ۽ پٺيءَ تي ڊگهو جهاليدار پنک ٿئي. هن کي مقعد وٽ بہ هڪ پنک ٿئي. هن جو وات ننڍو ٿئي، پر ڪنهڙ ويڪرو ٿي گولائيءِ ۾ ڦري اچي ٿو. ڪنهڙ جي ٻنهي پاسي هڪ ننڍو پنکڙ (Fan) ٿئي. هيءَ مڇي ڊيگهہ ۾ ٻہ فوٽ ۽ تور ۾ چار پنج ڪلو ٿئي ۽ کائڻ ۾ لذيذ ٿئي ٿي. دوٿر، ابراهيم حيدري ۽ ٻين سامونڊي ڪنارن تي وڏي تعداد ۾ مرندي آهي ۽ سنڌوءَ ۾ نہ ٿي چڙهي.