دو آٻو 3: هيءُ قديم ڳوٺ آهي، جيڪو دادو شهر کان ڏکڻ ۾ ڇهن ستن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهي، جنهن جو ذڪر چچنامي ۾ به ملي ٿو. هن ڳوٺ کان درياهه ٻن حصن ۾ ورهائجي وهندو هو. هڪ درياهه موجوده خداآباد جي اوڀر ۾ وهندو هو ۽ هڪ پراڻو درياهه گچيري واري ڍنڍ وٽان وهندو هو، جنهن مان اُها ڍنڍ ٺهي. تاريخ معصوميءَ موجب اها ان زماني ۾ دادوضلعي جي اولهه اوڀر ندي پاسي واقع هئي. ان جي ڏکڻ پاسي راجا ڏاهر هڪ قلعو ٺهرايو هو، جنهن جو محافظ جاسين شمني هو. عربن جي لشڪر جڏهن درياهه پار ڪيو هو، تڏهن پهرين لڙائي ساڻن جاسين ڪئي. دوآٻو ڳوٺ ٻه درياهيءَ جي وچ ۾ هو. ان ڪري هن درياهي وهڪرن واري تاريخي يادگار ڳوٺ کي دوآٻو سڏيو ويو، جيڪو 712ع جو يادگار ڳوٺ آهي.
دوآٻي ڀرسان هڪ قديم ڍورو ’ڪڍڻ‘ به نڪرندو هو. ان لاءِ ٻه بيت به ملن ٿا. ميرن جي دور ۾ دوآبي وارو بند ڀڄي پيو هو، سو سرڪاري ماڻهو ان کي ٻڌڻ لاءِ ڀر وارن ڳوٺن مان ڇيڙون ڪري آيا. ڳوٺاڻن ٻه ٻه ٿي جھوليون ڀري گھاري ۾ مٽي اڇلائي هئي. ان ڇيڙ ۾ هڪ مست فقير کي به جھلي وٺي آيا هئا، جنهن کان به جھوليون اڇلرايون ويون، پر گھارو بند نه ٿيو ۽ ان بيت چيا، جيڪي هن ڍوري جي ثابتيءَ لاءِ اهم دستاويز آهن:
بايد پيا بند کي دواٻي کان دڙڳ،
جھوليون ڪن جھڙڳ ته به کنيو وڃي خداآباد کي!
-
ڪڍ، ڪو ڪڙڪو، دوآٻو ٿيو دڙو،
پيو جو ڳڙو، سو کنيو ويو خداآباد کي.
درياهه جا ڇڏيل نياڻ برسات جي پاڻيءَ ۾ وهندا هئا ته ڳوٺن جا ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيندا هئا. سنڌوءَ جا سڪل ۽ ڇڏيل نياڻ به ڪڏهن ڪڏهن سنڌوءَ واري مستيءَ جا منظر ڏيکاريندا هئا.