ديارام ايسراڻي
ديارام ايسراڻي: مشهور سياستدان ديارام، 12 آڪٽوبر 1963ع تي تعلقي ٿاڻي بولا خان (ضلعي ڄام شوري) جي سَرِي شهر ۾ آلُو مل ايسراڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. هن ايم. بي. بي. ايس ڪرڻ کان پوءِ سياست ۾ پير پاتو. پ پ پ جي ٽڪيٽ تان پي. ايس- 72 (ڄام شورو، پراڻو دادو) تڪ تان چونڊ وڙهي ڪامياب ٿيو. موجوده حڪومت ۾ صوبائي وزير طور کيس سنڌ جي جهنگلي جيوت کاتي جو قلمدان مليل آهي. ديارام ايسراڻي هندستان، دبئي، برطانيه، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن جا دورا ڪري چڪو آهي. هن وقت مستقل رهائش ڪراچيءَ ۾ اٿس.
1963.10.12 عيسوي
مشهور سياستدان ديارام، 12 آڪٽوبر 1963ع تي تعلقي ٿاڻي بولا خان (ضلعي ڄام شوري) جي سَرِي شهر ۾ آلُو مل ايسراڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.