ديار يار ۾ جي دم گذاريم

ديار يار ۾ جي دم گذاريم (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ جي نامور صحافي، ايڊيٽر، شاعر ۽ اديب سيد سردار علي شاھہذاڪر‘ جو لکيل آهي، جيڪو ليکڪ حرمين شريفين (مڪي شريف) جي سفر بابت لکيو آهي. 1978ع ۾ اُن وقت جو مارشل لا ائڊمنسٽريٽر سرڪاري خرچ تي هڪ وفد وٺي سعودي عرب ويو، سنڌ مان وفد ۾ شامل ٿيڻ جو ڪُڻو سيد سردار علي شاھہذاڪر‘ جو نڪتو. اهڙيءَ ريت اپريل 1978ع جي هن مختصر سفر کي سيد سردار علي شاھہذاڪر‘، ’ديار يار ۾ جي دم گذاريم‘ جي نالي سان رقم ڪيو، جنهن جي عنوانن ۾: ديار پاڪ جي دعوت، راولپنڊيءَ ڏانهن روانگي، سفر جو آغاز، مثالي آجيان، شاهي مھل ڏانهن روانگي، گهوڙن جي گوءِ، رياض جي بازار، سعودي عرب تي سرسري نظر، جدي ڏانهن روانگي، عمري جي تياري، مڪه معظمه جو تعارف، عمري جي ادائگيءَ، دوستن لاءِ دعائون ۽ واپسي مدينه پاڪ ڏانهن سفر، والهانه آجيان جا اسباب، وطن ڏانهن واپسي ۽ واپسيءَ کان پوءِ وغيرہ شامل آهن.
ڊيمـي سـائـيـز جـي 112 صفحـن تي مشـتمـل هـن سـفـرنـامـي کـي سردار علي شاھہ ’ذاڪر‘ خود ڇپائي، روزانہ مهراڻ جي دفتر حيدرآباد مان، 10 جنوري 1979ع تي پڌرو ڪيو. ڪتاب جي قيمت 750 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو