دياگير، سنت: سنت دياگير، پني عاقل جو مشھور سنت ٿي گذريو آهي، مسلمان توڙي هندو سندس وڏا عقيدتمند هئا. هي ڪير هو، ڪٿان آيو هو، ڪنهن کي بہ خبر نہ هئي. مشھور شاعر غمدل فقير وٽس رهاڻ لاءِ ايندو ويندو هو. عجيب طبيعت هئس، خود اذيت پرست هو، پنھنجي جسم کي بليڊ سان جهير ڏئي ان ۾ لوڻ ٻرڪيندو هو، درد جي شدت ۾ مالڪ کي ياد ڪندو هو. بنا فرق جي خير خيرات ڪندو هو، سندس دياگير باغ مشھور آهي. سندس سماڌي سڌوجا روڊ پني عاقل ۾ ڪورائي واھہ تي آهي ۽ هتي ئي رهندو هو، پنجاھہ يا سٺ واري ڏهاڪي ۾ گذاري ويو، سندس سماڌيءَ تي ميلو لڳندو رهندو هو، جيڪو ويجهڙائيءَ ۾ ڪن ملن جي اعتراض ۽ بدامنيءَ ڪري بند ٿي ويو آهي.