ديبلي، ابو محمد حسن بن حامد: محدث، اديب ۽ شاعر ابو محمد حسن بن حامد ديبلي بغدادي مشھور واپاري رهيو آهي. واپار جي سلسلي ۾ ڪيترن ملڪن جو سير سفر ڪيائين. هن جا مشھور محدثن، شاعرن ۽ اديبن سان انتهائي قريبي تعلقات هئا. عربي جو مشھور شاعر المتنبي جڏهن بغداد ويو تہ وٽس مهمان ٿي رهيو. هن علم ادب جي ترقيءَ ۽ واڌويجهه لاءِ تمام گهڻو پئسو خرچ ڪيو. انسان دوست ۽ عالمن جو قدردان هو. ثقافتي سرگرمين ۾ ڏاڍي شوق سان حصو وٺندو هو. بغداد ۾ درب الزعفراني ۽ غريبن لاءِ هڪ سراءِ تعمير ڪرايائين، جيڪا سندس نالي پٺيان ’سراءِ خان ابن حامد‘ جي نالي سان مشھور ٿي.
حديث جو علم علي بن محمد بن سعيد الموصلي، محمد النقاش ۽ ابو علي التمريءَ کان حاصل ڪيائين. حديث جي ڄاڻ ۽ بيان سان سندس دلي لڳاءُ هو ۽ حديث جو علم سکڻ لاءِ ڪٿي بہ وڃڻ لاءِ تيار هوندو هو. حديث جي سٺي ڄاڻ هيس ۽ ان جو درس ڏيڻ لاءِ مصر، دمشق ۽ ٻين ملڪن ڏانهن ويندو هو. مصر ۾ محمد بن علي صوري کانئس حديث روايت ڪئي آهي. 1009ع ۾ وفات ڪيائين.