ديبلي، احمد بن محمد: هيءُ درويش ۽ زاهد ديبل (سنڌ) جو رهاڪو هو، جنهن پوءِ مصر ۾ وڃي سڪونت اختيار ڪئي، جنهن ڪري کيس مصري بہ سڏيو وڃي ٿو. علامہ سبقيءَ پنھنجي تاليف ’طبقات الشافعيت الڪبرى‘ ۾ لکيو آهي تہ: ”احمد بن محمد، ابوالعباس ديبلي حافظ ۽ زاهد هو“. علامہ ابن الصلاح بہ پنھنجي ڪتاب ۾ سندس ذڪر ڪيو آهي تہ: ”هيءُ هڪ وڏو فقيھ هو، علم جي کيس عمدي ڄاڻ هئي. امام شافعي جي مذهب جو فقيھ ٿيو. سندس گذران هٿ جي ڪمائيءَ درزڪي ڪم تي هو. هن بزرگ جي زهد جو هي عالم هو، جو ڪڏهن بہ ڪنهن کان پاڻيءَ جو ڍُڪ بہ نہ گهريائين، صالح انسانن مان هو.“ سندس ڪيتريون ڪرامتون بہ مشھور آهن. زندگيءَ جي آخري گهڙين ۾ ابوالعباس نسوي ۽ ابو سعيد ماليني، هن درويش سان گڏ هئا. سندس وفات 373ھہ / 983ع ۾ ٿي.