
ديدار حسين سمو
ديدار حسين سمو (فنڪار): سنڌ جي ناليواري گلوڪار ديدار حسين سمي جو اصل نالو غلام علي ولد محمد اڪرم سمو آهي. سندس جنم 1948ع ڌاري ڳوٺ جادي ڪلهوڙي، ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو. سندس والد محمد اڪرم سمو بہ ڀلوڙ ڍولڪ نواز ۽ شھنائي نواز هو. ديدار حسين سمو مڊل پاس آهي. موسيقيءَ جي ميدان ۾ سندس بنيادي استاد سيد سڪندر علي شاھہ هو، جيڪو سندس وڏڙن جو مرشد ۽ پنھنجي وقت جو ڪلاسيڪل راڳي بہ هو، جنهن کانپوءِ ديدار حسين طبلي جي سکيا حاصل ڪرڻ لاءِ ملڪ جي سريلي طبلا نواز استاد حاجي خان دودا پوريءَ جي ڳوٺ دوداپور بلوچستان ويو، جتي هو طبلي جي باقاعدي تعليم حاصل ڪندو رهيو، ان دوران سندس وڏا مڪمل طور رتيديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ لڏي ڪري آيا.
ڪجهہ عرصي گذرڻ بعد ديدار حسين کي استاد حاجي خان جيڪب آباد وٺي ويو ۽ ملڪ جي نامياري ڪلاسيڪل گويي خانصاحب ارباب علي خان کوسي جي شاگردي ۾ ڇڏيو. جيئن تہ استاد ارباب علي خان جو واسطو سنڌ سان گڏ بلوچستان سان بہ هوندو هو، ان ڪري ديدار حسين کي پنھنجي استاد سان بلوچستان طرف اچڻ وڃڻ ۽ ڳائڻ وڄائڻ جو ڀرپور موقعو ملندو رهيو. هن پنھنجي فني سفر جي شروعات ريڊيو پاڪستان ڪوئٽا کان ڪئي، جنهن بعد هن پي. ٽي. وي ڪوئٽا، پي. ٽي. وي ڪراچي، ريڊيو پاڪستان جي مختلف اسٽيشنن ۽ مختلف ٽي وي چئنلن تي بہ پنھنجي فن جا جوهر ڏيکاريا. هن موسيقيءَ ۾ ڪافي، غزل، خيال، ٺمري، فوڪ ميوزڪ کي ڳايو آهي. ديدار حسين سنڌي، اردو، بلوچي، براهوي ۽ پشتو ٻولين ۾ بہ ڳائي چڪو آهي.
سندس قابليت جو هڪ مثال هي بہ آهي تہ محدود نصابي تعليم هوندي پاڪستان جي هر خطي ۾ اتان جي ماڻهن جي مزاج ۽ ٻولين کي سمجهي ڳائي ٿو. ديدار حسين شاھہ لطيف، سچل سرمست، استاد بخاري، سرڪش سنڌي، عبدالغفار تبسم، مقصود گل، ادل سومري، زخمي چانڊيي ۽ ٻين شاعرن جي شاعريءَ کي ڪمپوز ڪري ڳائي چڪو آهي. هن وقت سکر ۾ رهائش پذير آهي.