ديـدار حسـيـن شـاهه رضـوي

ديـدار حسـيـن شـاهه رضـوي

ديدار حسين شاھہ رضوي:

ديـدار حسـيـن شـاھہ رضـوي: مشھور تعليمدان ۽ ليکـڪ سيد ديدار حسين شاھہ ولد غلام محمد شاھہ رضوي، 11 مارچ 1948ع تي ديھہ ڪلانڪوٽ، چاچڙڪي مڪان، ضلعي ٺٽي ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم مسلم اسڪول آخوند براديه ٺٽي مان ورتي، مئٽرڪ 1964ع ۾گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٺٽي مان ۽ انٽر آرٽس 1966ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج ٺٽي مان ڪيائين. بي. اي (اقتصاديات) 1969ع ۾ ۽ ايم. اي (اقتصاديات) 1970ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ حاصل ڪيائين. انهيءَ سان گڏ 1968ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي پوليٽيڪل سائنس شعبي مان ڊپلوما ان پبلڪ ائڊمنسٽريشن جو امتحان، فرسٽ ڪلاس ۾ ۽ 1969ع ۾ ساڳئي شعبي مان انٽرنيشنل رليشنز ۾ بہ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ٿيو، جڏهن تہ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪامرس شعبي مان ڊپلوما ان بزنيس ائڊمنسٽريشن ۾ پهريون نمبر آيو. 1972ع ۾ سنڌ لا ڪاليج، حيدرآباد مان ايل. ايل. بي جو امتحان پاس ڪيائين. ساڳئي سال PCS ۽ 1973ع ۾ CSS جا امتحان پاس ڪيائين، پر اعليٰ تعليم جي شوق سبب 1973ع ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪرڻ ويو ۽ 1977ع ۾ ماسڪو جي ميخائل واسليويچ لومانسوف يونيورسٽي (Mikhail Vasilivitch Lomonosov University) مان اقتصاديات جي شاخ ’پلاننگ ۽ ڊيولپمينٽ‘ ۾ پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين. کيس مادري زبان سنڌيءَ کان سواءِ اردو، انگريزي، روسي، هندي ۽ سرائيڪي ٻولين جي ڄاڻ آهي. ڊاڪٽر ديدار حسين شاھہ 1971ع کان 1973ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي شعبه اقتصاديات ۾ ليڪچرار رهيو، جتان 1973ع ۾ فار ايسٽ اينڊ سائوٿ ايسٽ ايشيا اسٽڊي سينٽر ۾ اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو. ساڳئي سينٽر ۾ کيس 1981ع ۾ ائسوسيئيٽ پروفيسر ۽ 1989ع ۾ پروفيسر مقرر ڪيو ويو. شاھہ صاحب هن سينٽر جو 1978ع کان 1984ع تائين ڊائريڪٽر بہ رهيو ۽ 81-1980ع ۾ پاڪستان اسٽڊي سينٽر جو ڊائريڪٽر بہ رهي چڪو آهي. 1982ع ۾ ديدار حسين شاھہ کي سخت چٽاڀيٽيءَ بعد آمريڪا جي الينوئس يونيورسٽيءَ (Illinois University) ۾ وزيٽنگ پروفيسر طور چونڊيو ويو، جتي کيس سيمسٽر پڙهائڻ، ورڪشاپن، سيمينارن ۽ سميوليشن پروگرامن ۾ شرڪت جو موقعو مليو. کيس آمريڪا جي مختلف يونيورسٽين: الينوئس، ڊيوڪ، آرڪنساس، يونيورسٽي آف ڪئليفورنيا ۽ ايسٽ ويسٽ سينٽر ۽ ٻين ادارن ۾ ليڪچر ڏيڻ لاءِ موڪليو ويو. ديدار حسين شاھہ مشرقي ۽ مغربي يورپ جا ڪافي ملڪ: آمريڪا، جپان، هانگ ڪانگ وغيرہ گهمي چڪو آهي. شاھہ صاحب 1984ع کان 1986ع تائين انسٽيٽيوٽ آف اسٽراٽيجڪ اسٽڊيز، اسلام آباد جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر ۽ اسلاميہ يونيورسٽي بھاولپور جو فيڪلٽي ميمبر بہ ٿي رهيو آهي. انهيءَ سان گڏ ايشيا دي فار ايسٽ اينڊ دسائو ايسٽ ۽ گراس روٽس مئگزين جو ايڊيٽر پڻ رهيو. هيءُ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل ڪلچرل ريسرچ اسلام آباد پاران پاڪستان جي جديد تاريخ جي اٺن جلدن ۾ اقتصادي جلد لکڻ لاءِ چونڊيو ويو. هن تحقيقي مقالا ۽ مضمون لکيا آهن، جيڪي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهن.
ديدار حسين شاھہ جو ڪتاب ’ترقياتي اقتصاديات‘ (ٻن جلدن ۾) انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شوري پاران 1990ع ۽ 1991ع ۾ ڇپجي چڪو آهي. ان کان اڳ سندس ڪتاب ’اقتصادي فڪر جي تاريخ‘ بہ ساڳئي اداري ڇپائي پڌرو ڪيو هو.
ديدار حسين شاھہ ٺٽي جي رضوي خاندان مان آهي، جنهن خاندان مان وڏا درويش صوفي، حڪمران، اديب ۽ شـاعـر ٿي گذريا آهن، جن ۾ ميران محمد يوسف شاھہ، مير لطف علي شاھہ، نواب مير ڪمال الدين شاھہ، سيد مير مرتضيٰ شاھہ، سيد حاجي ذوالفقار شاھہ، مير نجم الدين ’عزلت‘، سيد وڏل شاھہ ’ڪمتر‘ ۽ سيد غلام مرتضيٰ شاھہ مرتضائي وغيره، جنهن جو ڪلام پڻ سنڌالاجي ڇپايو آهي. ان کان سواءِ سيد زمان شاھہ ’ساقي‘ مشھور ڪافي گو شاعر بہ سندس ڏاڏي جو ڀائٽيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو