ديدڙ، شاھہ محمد: مشھور شاعر ۽ سگهڙ شاھہ محمد ديدڙ 1830ع ڌاري تعلقي قنبر جي ڳوٺ ديدڙ ۾ بھادر خان ديدڙ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس نانو حسين فقير ديدڙ پڻ مشھور شاعر، سگهڙ ۽ عالم هو، جنهن وٽ هن فارسي، عربي ۽ ديني تعليم پرائڻ سان گڏ شاعري جي پڻ سکيا ورتي. حسين فقير ديدڙ جو مٿس گهڻو اثر هو، جنهن سان گڏ درس و تدريس بہ ڪيائين. ڊڀري جي مخدومن جو مريد ٿيو. ميان شاهل محمد ڪلهوڙي جي ميلي تي پابنديءَ سان ويندو هو. مقامي ماڻهو کيس ’فقير شاھہ محمد‘ ۽ ’ميان شاھہ محمد‘ جي نالن سان سڏيندا هئا. صوفي بزرگ ۽ شاعر ’خوش‘ خير محمد هيسباڻيءَ سان دوستي هوندي هئي.
شاھہ محمد تعلقي ڏوڪريءَ جي ميتلا ڳوٺ مان شادي ڪئي، کيس هڪ پٽ ٿيو، جيڪو ننڍپڻ ۾ ئي گذاري ويو. ان کانپوءِ کيس ڪو بہ اولاد نہ ٿيو. هن سڄي زندگي فقيريءَ ۾ گذاري. شاھہ محمد ديدڙ جا پنھنجي دؤر جي بھترين شاعر حاجي خان چنجڻيءَ سان ڪيترائي شاعراڻا مقابلا ٿيا، جن مان نصيرآباد ۾ شاعرن جي چٽاڀيٽيءَ ۾ بہ شاھہ محمد کي سوڀ ملي. شاھہ محمد غيبي ديري جي نواب محمد خان چانڊيي پاران ڪرايل شاعرن جي چٽاڀيٽيءَ ۾ بہ سوڀ ماڻي. هن 16 رمضان 1309ھہ/1892ع ۾ وفات ڪئي. سندس ڪلام ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي ’ڪليات شاھہ محمد ديدڙ‘ جي نالي سان ترتيب ڏنو هو، جنهن ۾ بيت، سينگار، ڪافيون، مولود، ٽيھہ اکريون، صفت چاريار، التجا ۽ ٽي قصا جن ۾ قصو شھزادي جو، قصو دلي ۽ طالب جو ۽ قصو ’عمر ۽ مارئيءَ‘ کان سواءِ ’معجزه هرڻي‘ ۽ مدحون ’پاڻيءَ واري‘ شامل آهن. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ 1977ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.