ديراوڙ قلعو

ديراوڙ قلعو

ديراوڙ قلعو

ديراوڙ قلعو

ديراوڙ قلعو

ديراوڙ قلعو

ديراوڙ قلعو

ديراوڙ قلعو: هيءُ قلعو بھاولپور کان 60 ميل پري چولستان جي ٿر ۾ آهي. انهيءَ علائقي ۾ ٻيا قلعا ونگروٽ، بنورا، مارڪوٽ، ولهو، موج ڳڙھہ، مائو، ڦوريا ۽ دين ڳڙھہ جي نالن سان آهن. هن علائقي ۾ ايترن قلعن جو هئڻ ٻڌائي ٿو تہ هي علائقو ڪنهن زماني ۾ واپار جو اهم مرڪز هو. چولستان ۾ رڪنپور کان اسلام ڳڙھہ ۽ نير کان ڪاپو تائين وچ وچ تي قلعن جو ڄار پکڙيل آهي. هي سڀ قلعا ڪي ڪچين سرن تہ ڪي پڪين سرن ۽ گاري سان اوساريل آهن.
ديراوڙ جو قلعو چولستان جي رڻ ۾ وڏي شان ۽ مان سان بيٺل آهي. ڪيترن سالن کان هن قلعي جي مرمت نہ ٿي آهي. ان ڪري جتان ڪٿان ڏري پيو آهي. خاص طور قلعي ۾ ٺهيل ڪجهہ ڪمرن جون ڇتيون ۽ اولھہ ۽ اوڀر واريون ديوارون ڏري پيون آهن. هن قلعي بابت ڪيتريون ئي روايتون ملن ٿيون. هڪ روايت موجب هن قلعي کي 842ع ۾ جسلمير جي راجا ديوراج جوڙايو هو، جنهن جو مقصد ٻاهرين حملي آورن لاءِ رنڊڪ پيدا ڪرڻ هو. روايتن موجب ميگهہ جي پنجين تاريخ هن قلعي جو بنياد وڌو ويو. اڏائيندڙ جي نالي پويان قلعي جو نالو ”ديو رال“ قلعو رکيو ويو. جيڪو بگڙجندي ’ديرا ول‘، ’ديراوت‘ ۽ آخرڪار ’ديراوڙ‘ ٿي ويو. روايتن موجب قلعي تائين پڪين سرن کي پهچائڻ لاءِ انسانن جون ڊگهيون قطارون ٺاهيون ويون. هن قلعي تي اڳتي هلي علاؤالدين قبضو ڪيو، بعد ۾ مسلمانن جي قبضي هيٺ رهندو آيو. بھاولپور گزنٽيئر موجب 1735ع ۾ هيءُ قلعو عباسين جي قبضي ۾ آيو. 1747ع ۾ هي قلعو عباسين جي هٿن مان نڪري مبارڪ خان جي هٿ هيٺ آيو ۽ 1841ع تائين ان جي هٿ هيٺ رهيو.
قلعو سنهين پڪين سرن مان تعمير ڪرايل آهي، جيڪو ميلن جي مفاصلي تان چٽو نظر اچي ٿو. هيءُ چورس آهي. ماپ ۾ بہ 670 فوٽ ويڪرو ۽ 90 فوٽ اوچو آهي. قلعي ۾ ڪل برجن جو تعداد 40 آهي. قلعي جو مک در ڏکڻ ۾ آهي. برجن تي ڪٽائيءَ جو ڪم (Cut Work) تمام سھڻو ٿيل آهي. قلعي جي اولھہ پاسي زمين اندر ڪجهہ ڪمرا ٺهيل آهن جن جون ڇتيون هن وقت ڪري پيون آهن، پر چون ٿا تہ ديوراج راجا وٽ هڪ يوگي هوندو هو، جيڪو ڌاتن مان سون ٺاهيندو هو ۽ اهو اتي رهندو هو، تنهنڪري ڪيترا ماڻهو لڪل خزاني کي ڳولڻ لاءِ قلعي جون پاڙون کوٽيندا وتن ٿا. 1849ع ۾ نواب بھاول خان هتي منارن ۽ گنبذ سان مسجد جوڙائي، جيڪا موتي مسجد لاهور جهڙي آهي. هن قلعي جي ڀر ۾ ڪي قبرون آهن جن لاءِ چيو وڃي ٿو تہ اهي ڪن بزرگن جون آهن. قلعي کان چند والن جي مفاصلي تي هڪ مقبرو آهي، جنهن ۾ نواب بھاول خان ٻيو، نواب صادق محمد خان ٻيو، نواب بھاول خان ٽيون، نواب فتح محمد خان، نواب بھاول خان چوٿون، نواب صادق محمد خان چوٿون، نواب صادق محمد خان پنجون، صاحبزادو عبدالله ولد نواب صادق محمد خان پنجون، رحيم يار خان ولد نواب صادق محمد خان چوٿون وغيرہ دفن آهن. انهي مقبري جي اتر- اولھہ واري ڪنڊ ۾ ڪي ٻيون قبرون عباسي خاندان جي عورتن جون آهن. ڪن عالمن جو چوڻ آهي تہ ديراوڙ جو علائقو تمام آڳاٽو آهي، جو هن علائقي ۾ سنڌو تھذيب جا ڪيترائي ڦٽل ماڳ موجود آهن، جن مان 414 کنڊرن تي مشھور آرڪيالاجسٽ ڊاڪٽر مغل ڪم ڪيو آهي. هن علائقي جا ڪي حصا اڃا تحقيق هيٺ نہ آيا آهن. نور الزمان ’اوج‘ پنھنجي مقالي ۾ لکيو آهي تہ چولستان انڊو- ساساني والارجي پهرين بيٺڪ آهي. سڪندر مقدونيءَ بہ هاڪڙو هن هنڌ تان پار ڪيو هو، جيڪو هنڌ دراوڙ قلعي جي ڀرسان آهي. هي قلعو ڪيترو عرصو عباسين جي گاديءَ جو هنڌ رهيو جن هن جي 1735 ڌاري مرمت بہ ڪرائي هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو