ديرو اسماعيل خان

ديرو اسماعيل خان

ديرو اسماعيل خان

ديرو اسماعيل خان: ديرو اسماعيل خان خيبر پختونخوا صوبي جو شھر آهي، جنهن کي هن وقت ضلعي جي حيثيت حاصل آهي. هيءُ شھر پندرهين صديءَ جي آخر ڌاري عرب مھم جُو ملڪ سهراب دودائيءَ جي پٽ اسماعيل خان آباد ڪيو. هيءُ شھر سنڌو درياھہ جي ڪناري تي ٻڌو ويو، اڄ ڪلھہ بہ سنڌو درياھہ هن شھر کان ڇھن ميلن جي پنڌ تي وهي ٿو. ديري اسماعيل خان جو شھر 1023ع واري ٻوڏ ۾ ٻڏي ويو هو، جنهن کي ٻيهر آباد ڪيو ويو. هن شھر جي اڏيندڙ ملڪ سهراب لاءِ تازن تاريخي تذڪرن ۾ ڄاڻايل آهي تہ هو هوت بلوچ قبيلي جو سردار هو، جنهن کي ملتان جي لانگاھہ سلطنت پاران هن علائقي جو صوبيدار مقرر ڪيو ويو هو. هن شھر جي ٻڌجڻ جي بلڪل شروعاتي ڏينهن دوران مغل شهنشاھہ بابر 1506ع ڌاري لنگهيو. جڏهن 1540ع ڌاري شير شاھہ سوريءَ خوشاب واري هنڌ تي آيو تڏهن ملڪ اسماعيل خان خوشاب واري هنڌ تي ان سان مليو. هيءُ شھر ٻوڏ ۾ ختم ٿيڻ بعد 1823ع ۾ الاهي بخش سيال تعمير ڪرايو.
انگريزن جي زماني ۾ بہ هن شھر جو اوج رهيو، شھر ۾ ٻہ مکيہ بازارون هيون ۽ هتي هندو ۽ مسلمان الڳ الڳ ويڙهن ۾ رهندا هئا. شھر جي اتر اولھہ واري پاسي کان عاقل ڳڙھہ نالي قلعو آهي. انگريزن جي وقت هتان ريشمي ڪپڙو، لوڻ، چمڙو، ڪاٺ، گهہ، ڪاٺ جو ٺهيل فرنيچر ۽ مختلف قسمن جو اناج وغيرہ برآمد ڪيو ويندو هو. پاڪستان ٿيڻ بعد هن شھر ترقي ڪئي، هتي قومي اسيمبليءَ لاءِ ٻہ سيٽون مخصوص آهن. ناليوارو سياسي ۽ مذهبي اڳواڻ مفتي محمود بہ هتي جو رهواسي هو، جنهن جو پٽ مولانا فضل الرحمان هن وقت ’جميعت العلماء اسلام‘ جو سربراھہ آهي. 2008ع ۽ 2009ع دوران هتي دهشتگرديءَ ۽ مذهبي شدت پسنديءَ زور ورتو آهي ۽ ڪيترن هنڌن تي خودڪش حملا ڪيا ويا آهن. اهڙي صورتحال سبب هتي فوجي آپريشن بہ ڪيو ويو، جنهنڪري ڪيترن ماڻهن هتان لڏپلاڻ ڪئي آهي. هيءُ شھر لڳ ڀڳ چار سؤ سال پراڻو آهي. مقامي زبان ۾ ديرو معنيٰ ٿاڪ، ڪئمپ يا چوڪي آهي. 1998ع جي آدمشماريءَ موجب هن شھر جي آدم شماري 852995 ڄاڻايل آهي. درياھہ جي ٻئي ڀر ديرو دريا خان پنجاب جو حصو آهي. ٻنهي شهرن ۽ پري پري تائين ٻهراڙين جي ٻولي سرائڪي آهي. البت ديري اسماعيل خان ۾ پشتو ڳالهائيندڙن جو وڏو تعداد رهائش پذير آهي.


لفظ ديرو اسماعيل خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو