ديسي سڻي
ديسي سڻي (Sunhemp): ديسي سڻيءَ جو فصل دراصل ڌاڳي ٺاهڻ لاءِ پوکبو آهي. هن جي ڌاڳي مان رسا، سوتلي ۽ ٻوريون تيار ڪيون وڃن ٿيون. هن جو ڌاڳو کهرو يا سخت ٿئي ٿو، ان ڪري ڪپڙي ٺاهڻ جي ڪم نٿو اچي سگهي. ديسي سڻي اصل ۾ پٽ سڻيءَ جو ٻيو قسم يا روپ آهي. برصغير هندستان ۽ پاڪستان ۾ هيءُ فصل هڪ بهترين سائي ڀاڻ طور پوکيو وڃي ٿو. سنڌ ۾ هن فصل جي پوک لاءِ وونئڻن واري زمين ۾ ڪئي وڃي ٿي. هيءُ فصل اونهاري جي موسم ۾ پوکيو وڃي ٿو. ديسي سڻيءَ جي پوک لاءِ وارياسيءَ کان چيڪي زمين جنهن ۾ پاڻيءَ جي نيڪال واريون زمينون وڌيڪ موزون آهن. ديسي سڻي سم وارين زمينن ۾ نٿي پوکي سگهجي. هن فصل جي پوکيءَ لاءِ زمين کي هڪ کان ٻه هر ڏيئي، ڀتر ڀڃي، زمين کي هموار ڪري ريج ڏيئي پوکيو ويندو آهي.
هن فصل جي ٻج ۽ تاندوري جي پوک جُون جي مهيني ۾ ڪئي ويندي آهي، جيڪو ڦوٽهڙي لاءِ وڌيڪ موزون هوندو آهي، جڏهن ته سائي ڀاڻ لاءِ مَئي مهينو بهتر پوکيءَ جو وقت آهي. هن فصل جي ناڙيءَ لاءِ ٻج تقريباً 15 ڪلوگرام استعمال ڪيو ويندو آهي. ناڙيءَ واري فصل ۾ ٻن قطارن جي وچ ۾ ڏيڍ فوٽ يا 45 س م مفاصلو رکيو ويندو آهي. سائي ڀاڻ جي فصل لاءِ وري ٻج تقريباً 40 ڪلو گرام في ايڪڙ استعمال ڪيو ويندو آهي.
ٻج لاءِ پوکيل فصل وڌيڪ وقت وٺي ٿو ۽ ان ۾ پاڻيءَ جي به ضرورت رهي ٿي، جڏهن ته سائي ڀاڻ وارو فصل ڏيڍ کان ٻن مهينن ۾ تيار ٿي وڃي ٿو. هن فصل کي مجموعي طور ٻه پاڻي ڏنا وڃن ٿا. ٻج لاءِ پوکيل فصل جُون کان آڪٽوبر تائين پچي تيار ٿي وڃي ٿو. ان کان پوءِ فصل ڪٽي ڳٺڙيون يا بنڊل ٻڌي ڪٽيل فصل کي مقرر وقت تائين سڪايو وڃي ٿو. بعد ۾ هن جي ڏانڊين کي پاڻيءَ ۾ پسائي، نرم ٿيڻ تي ان جي کل لاهي ڌاڳو ڪڍيو وڃي ٿو. هن فصل جي ٻج جي پيداوار 480 کان 600 ڪلوگرام آهي، جڏهن ته سائو مادو 8000 کان 10000 في ايڪڙ ملي ٿو.