ديسي ناٽڪ ڪمپني ڪراچي

ديسي ناٽڪ ڪمپني، ڪراچي: 1929ع ۾ پنھنجي وقت جي مشھور اداڪار موهن لالاهن ناٽڪ منڊليءَ جو پايو وڌو هو، جنهن سڀ کان پهرين خانچند درياڻيءَ جو مشھور ناٽڪ ’عجيب انصاف‘ پيش ڪيو. هن ناٽڪ جو هدايتڪار منگهارام ملڪاڻي ۽ اداڪار هئا: ڪماري نئن ميرچنداڻي- ڀڳوان رامچنداڻي، گاگنداس مورجاڻي، رام هيرا، خانچند درياڻي، روپچند ڪرپالاڻي ۽ منگهارام ملڪاڻي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو