ديسي 1

ديسي 1 (سُر): ديسي، ڪلاسيڪل راڳ جي راڳڻيءَ کان سواءِ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي ۾ سسئيءَ جي پنجن سُرن مان هڪ سُر به آهي، جيڪو ستن داستانن تي مشتمل آهي. هن سُر ۾ شاهه لطيف رح سسئيءَ پاران پنهون پٺيان هلڻ، ڪشالا ڪرڻ ۽ سُور سختيون سهڻ، ڏيرن پاران پنهون کي وٺي ڪيچ مڪران هليو وڃڻ جهڙن مضمونن سميت پنهونءَ پڄاڻان سسئيءَ جون پنهنجو پاڻ سان ورونهن واريون نفسياتي ڪيفيتون سمايل آهن. هن سُر جي داستانن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:
داستان پهريون: سُر ديسيءَ جو هيءُ داستان 22 بيتن ۽ هڪ وائيءَ تي مشتمل آهي. هن داستان جي مرڪزي مضمونن ۾ ڀنڀور ۾ ڏيرن جو ڏاگهن تي اچڻ، پنهونءَ کي پاڻ سان نيڻ ۽ سسئيءَ جو ڏکن ڏولائن ۾ پوڻ وغيره شامل آهن. هن داستان جو هڪ بيت نموني طور ڏجي ٿو:
ڏاگهن، ڏيرن، ڏونگرن، ٽنهي ڏنم ڏُک،
سي سڀ ڀانيم سُک، هيڪاند ڪارڻ هوت جي!
داستان ٻيو: هن داستان ۾ 14 بيت ۽ هڪ وائي شامل آهي. هيءُ داستان سسئيءَ وٽ ڏيرن جي اچڻ ۽ پنهونءَ کي پاڻ سان کڻي وڃڻ، سسئيءَ پاران پنهون سان ملڻ جي آس کڻي پنڌ ۾ نڪري پوڻ، پنهونءَ لاءِ آزيون نيازيون ڪرڻ جي موضوع تي آڌاريل آهي. هن داستان جو هڪ بيت نموني طور هيٺ ڏجي ٿو:
پُڻُ ٿا پلاڻين، اوٺي اڄ اُٻاکرا،
پَھ پاريسيون پاڻ ۾، ڏير ڏهاڻي ڏين،
هوت پنهون ٿا نين، ٻاروچِي ٻولي ڪيو.
(بيت: 1490)
داستان ٽيون: هيءُ داستان 15 بيتن ۽ هڪ وائيءَ تي مشتمل آهي، جنهن ۾ سسئي صدا ڪري ٿي ته اي ڌڻي! شال ڪنهن پر ساٿ ۽ ساٿ ڌڻيءَ (پنهون) کي ڏسان. هن سُر ۾ شاهه لطيف وڇوڙي عيوض محبوب جي وڇوڙي ۾ بيحال سسئيءَ جون ڪيفيتون بيان ڪيون آهن. هن داستان جو هڪ بيت نموني طور ڏجي ٿو:
ڪيچان اوري ڪيتريون، معذوريون مُيُون،
واٽون ويهه ٿيون، ڪُھ ڄاڻي ڪيهي ويا.
داستان چوٿون: هيءُ داستان 13 بيتن ۽ ٻن واين تي مشتمل آهي. هن داستان ۾ سسئي پنهنجو پاڻ سان ڳالهيون ٿي ڪري ته پهڻن ۾ پنڌ ڪندي منهنجا پيرَ پِٿون ٿي پيا آهن، پر پهڻن کي ڪهڙي پروڙ! شايد آءٌ (سسئي) پنهونءَ جي لائق نه هئس، تنهنڪري هوت مون کي ڇڏي هليو ويو. هن داستان جو هڪ بيت نموني طور هن ريت آهي:
وارو ور وٺي ويا، ڪري ڏَير ڏمر،
هاڻي ٿيو حشر، پُنا قول قيام جا.
(شاهه جو رسالو: ڪلياڻ آڏواڻي)
داستان پنجون: هيءُ داستان 12 بيتن ۽ هڪ وائيءَ تي مشتمل آهي. هن داستان ۾ سسئيءَ جي سورن جو ذڪر ڪيل آهي. هن اهي سور سَٺا، جيڪي زمين ۽ آسمان جي جاندارن جي سرگردانيءَ کان سوايا آهن. انهن سورن هوندي به سسئيءَ جا حوصلا جبلن، ٽڪرن کان به اتاهان آهن. سسئي اهي لڪ لنگهيا ۽ جبل اورانگهيا، جن مردن کي به مات ڪري ڇڏيو هو. هن داستان ۾ شاهه لطيف، سسئيءَ جي اڏولتا، مقصد لاءِ مضبوطيءَ سان ڏکيو سفر طئي ڪري سگهڻ واري خصلت کي چٽيو آهي. هن داستان جو هڪ بيت نموني طور ڏجي ٿو:
سسئي لنگهيو سو، مرد جنهن مات ڪيا،
جبل وڏو جو، نِوڻ مڙوئي نينهن کي.
(شاهه جو رسالو، ڪلياڻ آڏواڻي)
داستان ڇهون: هن داستان ۾ 22 بيت ۽ ٻه وايون شامل آهن. هن داستان ۾ سسئيءَ جي انهن تڪليفن جو ذڪر آهي، جيڪي کيس پنهونءَ کي ڳوليندي ۽ ان جي ساٿ پويان هلندي هن کي تڪليفون پيش آيون. ان سفر دوران سسئيءَ کي گهڻيون ئي اوکايون پيش آيون، جن جو ذڪر لطيف سائين هر سُر ۾ نهايت دردمند ڪيفيت ۾ ڪيو آهي. پنهونءَ کي ووڙڻ واري پنڌ ۾ لطيف سائينءَ، سسئيءَ کي جبلن جا اڀا لڪ، چاڙهه، ڏاڪا، ونگا ور وڪڙ طئي ڪندي، اُڪاريندي ڏيکاريو آهي. هن داستان جو هڪ بيت نموني طور هيٺ ڏجي ٿو:
آڏ تراڇا آهڙا، ڏونگر کي ڏاڪا،
وٺي ور واٽ ٿيا، بر چڙهي باڪا،
ڦٽيا پير فقير جا، چڙهندي چڙهاڪا،
هُين جيءَ اندر جاڪا، ويا پڄائي پانهنجي!
(شاهه جو رسالو: ڪلياڻ آڏواڻي)
داستان ستون: هيءُ سُر ديسيءَ جو آخري داستان آهي. هن داستان ۾ 20 بيت ۽ ٻه وايون شامل آهن. هن داستان ۾ سسئي، ڏيرن جا پنهنجي ٻوليءَ (بلوچڪيءَ) ۾ چيل گفتا ياد ڪري ٿي، جيڪي هنن سسئيءَ کي ڀنڀور ۾ ڇڏي وڃڻ ۽ پنهونءَ کي پاڻ سان کڻي وڃڻ لاءِ مصلحت ڪندي پاڻ ۾ ڳالهايا هئا. ڏيرن جي ان ڏاڍائيءَ کان بي نياز ٿي پاڻ سان پڪو پهه ڪري ٿي ته ڪشالا ڪري به وڃي ڪيچ پهچنديس. ان دوران هوءَ سوچي ٿي ته منهنجو پنهون ڏيرن سان جتان ساٿ لنگهيو هوندو، اتان سڄو ڇپر ۽ ٽڪر هٻڪار سان واسجي ويو هوندو، آءٌ ان هٻڪار پٺيان پئي وينديس. هن داستان جو هڪ بيت نموني طور هيٺ ڏجي ٿو:
بر مڙوئي بوءِ، ڇپر ڇانون مڪيون،
ٻهه ٻهه ٿي ڀنڀور ۾، هنڌ مڙيئي هوءِ،
راڻين وري روءِ، گوندر لٿا گوليين.
[بيت: شاهه جو رسالو، ڪلياڻ آڏواڻي]
هن سُر ۾ شاهه سائين، سسئيءَ کي پنهون (مقصد) جي حاصلات لاءِ اڏول ۽ مضبوط ارادي وارو ڏيکاري، زندگيءَ کي پختي ارادي سان سڦل ڪرڻ جو سبق ڏنو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو