ديش متر 2

ديش متر 2 (اخبار): هفتيوار سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ هيءَ اخبار ڪراچيءَ مان 1925ع ۾ جاري ٿي. هن اخبار جو مالڪ ۽ ايڊيٽر کيمچند ڏيارام واسواڻي هو. هيءَ اخبار ڪجهہ وقت بعد روزاني بہ نڪرڻ لڳي هئي. هن اخبار ۾ سماجي مضمونن کان سواءِ سماجي تنظيمن جون خبرون بہ ڇپجنديون هيون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو