
دينا واڊيا

دينا واڊيا پيءَ ۽ پڦي سان گڏ
دينا واڊيا (Dina Wadia): دينا، پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي ڌيءَ آهي، جيڪا کيس پنھنجي پارسي گهر واريءَ رتن ٻائي پيٽٽ (Rattan Bai Petit) مان ڄائي هئي. دينا جو جنم 15 آگسٽ 1919ع تي لنڊن ۾ ٿيو ۽ هيءَ پنھنجي ماءُ پيءُ جو اڪيلو اولاد آهي.
قائداعظم پنھنجي ڌيءَ دينا جي تربيت ۽ پرورش تي خاص ڌيان ڏنو. هن اسلام ۽ قرآن ڪريم جي تعليم پنھنجي پڦيءَ فاطمہ جناح کان ورتي.
دينا پنھنجي والد جي سياست ۽ قابليت کان متاثر ٿي کيس پيار مان ترڪيءَ جي جديد سياست جي عظيم اڳواڻ گري وولف (Grey Wolf) سان ڀيٽي، مخاطب ٿيندي هئي.
محمد علي جناح کي پنھنجي هن نياڻيءَ سان بي پناھہ محبت هئي، پر جڏهن سندس ڌيءُ زردتشت مذهب سان تعلق رکندڙ نوجوان نيول واڊيا (Neville Wadia) سان شادي ڪئي تہ پيءُ ڌيءَ جي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿيا، جيڪي آخري وقت تائين برقرار رهيا. جناح صاحب جي مرضيءَ جي خلاف شادي ڪرڻ تي هن کيس پنھنجي ڌيءَ تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
جناح صاحب جي هڪ ساٿيءَ محمد علي ڪريم چاڳلا پنھنجي يادگيرين جي ڪتاب ‘Roses in December’ ۾ لکيو آهي تہ: ”دينا جي نيول سان شادي ڪرڻ بعد جناح پنھنجي ڌيءُ کي مخاطب ٿي چيو تہ هوءَ هاڻي سندس ڌيءُ نہ رهي آهي. شاديءَ کان پوءِ ڪجهہ وقت سندن وچ ۾ ظاهري طور راضپو نظر ايندو هو، پر جناح صاحب ساڻس هر ڀيري ’مسز واڊيا‘ چئي ملندو هو. هن شاديءَ جي ڪري اڳتي هلي جناح صاحب دينا سان ظاهري طور پنهنجو رشتو ختم ڪيو، پر ان حوالي سان ڪو قانوني نوٽيس وغيرہ سامهون نہ اچي سگهيو آهي.‘
دينا، پنھنجي مڙس نيول سان شاديءَ کان پوءِ ڪجهہ عرصو ممبئيءَ ۾ رهي، جتي کين هڪ پٽ ۽ هڪ ڌيءَ جو اولاد ٿيو. سندس پٽ نسلي (Nusli) وڏي ٿيڻ کانپوءِ عيسائي مذهب اختيار ڪيو، پر پوءِ واپس پنھنجي خانداني مذهب زردتشت جو پيروڪار ٿيو ۽ ممبئيءَ جي وڏي صنعتي واپاريءَ جي حيثيت حاصل ڪري چڪو آهي.
پيءُ سان شديد اختلافن جي باوجود دينا، سيپٽمبر 1948ع ۾ پيءُ جي آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان آئي. هوءَ ٻيو ڀيرو مارچ 2004ع ۾ پاڪ ڀارت ڪرڪيٽ مئچ جي موقعي تي پاڪستان آئي ۽ ڪراچيءَ ۾ پنھنجي پيءُ جي مزار تي حاضري بہ ڀريائين. ان موقعي تي هن پنھنجي پٽ نسلي واڊيا ۽ ٻن پوٽن: نيس واڊيا ۽ جھانگير واڊيا سان گڏ قائداعظم محمد علي جناح جي گهر ۾ قائم عجائب گهر ’زيارت ريزيڊنسي‘ جو بہ دورو ڪيو.
دينا واڊيا، هن وقت پنھنجي خاندان سان گڏ نيويارڪ ۾ رهائش پذير آهي.
قائداعظم جي سياسي سرگرمين دوران هندستان ۾ دينا جي رهائشگاھہ مالابار هِل تي هئي، جنهن جي هن وقت ماليت 60 ملين ڊالر چئي وڃي ٿي، جنهن لاءِ دينا، هندستاني وزيراعظم کي خط ۾ لکيو آهي تہ ان گهر کي وڪرو ڪري کيس رقم مهيا ڪئي وڃي، جڏهن تہ پاڪستان سرڪار جو زور آهي تہ اهو گهر پاڪستان سرڪار جي ملڪيت آهي ۽ معاوضو پاڪستان سرڪار کي ملڻ گهرجي.
نوٽ:
دينا واڊيا 2 نومبر 2017ع تي وفات ڪئي.
1919.08.15 عيسوي
دينا، پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي ڌيءَ آهي، جيڪا کيس پنهنجي پارسي گهر واريءَ رتن ٻائي پيٽٽ (Rattan Bai Petit) مان ڄائي هئي. دينا جو جنم 15 آگسٽ 1919ع تي لنڊن ۾ ٿيو ۽ هيءَ پنهنجي ماءُ پيءُ جو اڪيلو اولاد آهي.
2017.11.02 عيسوي
دينا واڊيا 2 نومبر 2017ع تي وفات ڪئي.