ديندار خان بخاري: ديندار خان جو اصل نالو سيد بهوه بخاري هو. شهنشاھہ جھانگير جي درٻار سان وابستہ هو. هي شهنشاھہ جھانگير جي دؤر حڪومت جي ارڙهين سال دهليءَ جو حاڪم ٿيو. مهابت خان جي مغل گهراڻي سان غداريءَ بعد هن کي فوج ۾ شامل ڪيو ويو. مغلن پاران جڏهن مرزا احمد خان، سنڌ تي حاڪم هو، تڏهن ماڻهن تي تمام گهڻو ظلم ٿي رهيو هو ۽ ناانصافي حد کان وڌي چڪي هئي. ان ڪري ماڻهن ۾ تمام گهڻي مايوسي پکڙجي وئي هئي. اها خبر جڏهن شهنشاھہ جھانگير تائين پهتي، تڏهن احمد خان مرزا کي بدلي ڪري، سندس جاءِ تي بهوه خان بخاريءَ کي مقرر ڪيو. جھانگير بادشاھہ جي مرڻ کان پوءِ شاھجھان بادشاھہ هن کـي ٻہ هـزاري مـنصب 1200 سوارن ۽ ’ديندار خان‘ جي لقب سان نوازيو ۽ جلد احمد بيگ کي هٽائي کيس سيوهڻ جي راڄڌاني جاگير طور ڏني. هو هـر مهيني نذر نياز ڪندو هو ۽ عبادت سان گڏ نماز تھجد پڻ ادا ڪندو هو.
هن قلندر لعل شھباز جي درگاھہ ۽ ڇُٽي امراڻيءَ جي مزار تي ڪتبا لڳرايا هئا، جن مان معلوم ٿئي ٿو تہ هي 1040ھہ/ 1630ع کان 1043ھہ/ 1633ع تائين سيوهڻ ۾ هو. هن ڇٽي امراڻيءَ جي مزار تي مقبرو ٺهرايو ۽ قلندر لعل شھباز جي مزار جي مرمت ڪرائي.
ديندار خان، سنڌ جي محب وطن قبيلن: سميجن، نومڙين ۽ چانڊين سان سٺي روش هليو، هنن قبيلن مغلن کي تمام گهڻو تنگ ڪيو هو، ان ڪري ديندار خان ساڻن نرم روش اختيار ڪري، کين الڳ الڳ ڳوٺ جاگير طور ڏنا، تہ جيئن هو مغلن کي تنگ نہ ڪن، پر ان کان پوءِ بہ هي باغي قبيلا مغلن جا مخالف رهيا ۽ سندن ڦرلٽ ڪندا رهيا، پر ديندار خان جي لڳاتار سٺي روش ڪري آخرڪار عام رعايا هن حاڪم کي پسند ڪرڻ لڳي. ديندار خان بخاريءَ 1055ھہ مطابق 1645ع ۾ وفات ڪئي.