دينل شاھہ مسجد: هي مسجد موري شھر ۾ واقع آهي، جيڪا ڊپٽي ڪليڪٽر جي پراڻي هندڪي بنگلي جي ڀرسان مارڪيٽ کان سرهيا محلي طرف ويندڙ رستي تي آباد آهي. هن مسجد جي قدامت هڪ صديءَ کان وڌيڪ ٻڌائي وڃي ٿي. هيءَ مسجد لڪياري ساداتن جي هڪ بزرگ آباد ڪئي، جنهن جي اولاد مان سيد دينل شاھہ ان مسجد جي سار سنڀال ڪندو هو، جيڪو تمام نيڪ ۽ سچو بزرگ هو. هن مسجد ۾ قائم ٿيل مدرسي ۾ مٽياري خاندان جو سيد امام بخش شاھہ اول درس ڏيندو هو. هيءَ مسجد ٻيهر نئين سر تعمير ڪرائي وئي آهي.