دينوري ابو حنيفہ

دينوري، ابو حنيفہ: ابو حنيفہ بن دائود، همدان جي شھر ’دينور‘ ۾ ڄائو، جنهن ڪري پاڻ کي ’دينوري‘ سڏائيندو هو. اصفهان عراق، شام، فلسطين ۽ حرمين شريف جي مختلف استادن کان تعليم حاصل ڪيائين. هڪ ئي وقت تاريخدان، لغت نويس ۽ ٻوليءَ جو ماهر ليکيو وڃي ٿو. هن 895ع ۾ وفات ڪئي. تاريخ جي لحاظ کان سندس ڪتاب ’اخبار الطوال‘ گهڻو مشھور آهي، جنهن ۾ سنڌ جي احوال کان سواءِ عرب جي قديم قومن، ايران جي بادشاهن ۽ عباسي خليفن جو ذڪر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو