ديني ادب

ديني ادب (انگريز دؤر کان اڄ تائين): برصغير ۾ سنڌ کي باب الاسلام هئڻ جو شرف حاصل آهي. اسلام جي آمد سان هتي مسجدون ۽ مدرسا جڙيا، قرآن ۽ حديث جي تعليم جي ابتدا ٿي ۽ ديني مسئلن جو سلسلو بہ جاري ٿيو. سنڌ جي عالمن عربي، فارسيءَ ۽ سنڌيءَ ۾ تصنيفون لکيون. اهڙيءَ ريت علمي ماحول وڌيو، ويجهيو ۽ علمي فيض عام ٿيو. خالص سنڌي ٻوليءَ ۾ ديني ادب جو ڪم ابتدائي صدين ۾ بہ ٿيو هوندو. بن شھريار'>بزرگ بن شھريار پنھنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي تہ منصوره جي حاڪم عبدالله بن عمر هباريءَ جي زماني ۾ منصوره جي هڪ عالم قرآن مجيد جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو هو، جيڪو چيو وڃي ٿو تہ قرآن پاڪ جو ڪنهن عجمي ٻوليءَ ۾ پهريون ترجمو آهي. سومرن جي دور ۾ اسماعيلي مبلغن هندي، گجراتي ۽ سنڌي زبانن کي تبليغ جو ذريعو بنايو هو. اسماعيلي بزرگن جي سنڌي شاعريءَ جي ان ڏس ۾ وڏي اهميت آهي، پر جيڪو سنڌي ٻوليءَ ۾ ديني ادب جو پهريون لکيل ذخيرو دستياب ٿيو آهي، سو 11 صدي هجري 18 صدي عيسويءَ جو قلمي نسخن جي صورت ۾ آهي. ڪاتب عزت بن سليمان جا 39 منظوم سنڌي رسالا ترتيب ڏنل هئا، جيڪي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ’سنڌي ٻوليءَ جو آڳاٽو منظوم ذخيرو‘ عنوان سان ڪتابي صورت ۾، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران، سال 1993ع ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا آهن. اهو منظوم مذهبي مواد، عزت بن سليمان ’ڪاتب‘ 1067ھہ کان 1069ھہ (1600 کان 1657ع) ۾ اُتاريا هئا. ڊاڪٽر صاحب جو خيال آهي تہ اهي منظوميا اُتارڻ کان 50 کان 100 سال اڳ لکيا ويا هوندا. اهو سمورو مواد توحيد، رسالت ۽ فقهي ديني ادب تي مشتمل آهي.
ڪـلهوڙا دور جي عـالم مخدوم ابوالحسن ٺٽويءَ جو ڪتاب ’مقدمة الصلوٰة‘
(1700ع) پڻ ان ڏس ۾ ڪافي مشھور آهي.
مغلن جي آخري دور توڙي ڪلهوڙن ۽ ميرن جي دورن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ ديني ادب جو جهجهو مواد ملي ٿو. ان سلسلي ۾ جن سنڌي عالمن سنڌي ٻوليءَ ۾ ديني ڪتاب لکيا ۽ ديني ادب کي مالا مال ڪيو، تن ۾: ميون ابوالحسن سنڌي، مخدوم ضياءُ الدين ٺٽوي، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، مخدوم عبدالله نري وارو، مخدوم ابراهيم ڀٽي هالائي ۽ آخوند عزيز مٽيارويءَ جا نالا وڏي اهميت رکن ٿا.
انگريزن 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪئي ۽ 1853ع ۾ سنڌي رسم الخط جي نئين سر جوڙجڪ ڪري، سنڌي ڪتابن جي تصنيف، تاليف ۽ اشاعت جو نئين سر سلسلو شروع ڪيو ويو. انگريز دور کان وٺي اڄ تائين سنڌيءَ ۾ ديني ادب تي تمام گهڻو ڪم ٿيو آهي. مکيہ موضوع هي آهن: قرآني علوم، تفسير، حديث نبوي، فقھ، تاريخ ۽ تصوف.
ان ڏس ۾ جيڪو پهريون ڪتاب ڇپجي سامهون آيو، سو ’حڪايات الصالحين‘ (منظوم) هو. هي ڪتاب اصل ۾ هڪ عربي ڪتاب جو ترجمو آهي، جيڪو آڪٽوبر 1851ع ۾ ايڊورٽائيزر پريس مان ڇپيو؛ جنهن کي اردشير ڇاپخانو بہ چوندا هئا، سنہ 1866ع ۾ ڊاڪٽر ٽرمپ ’شاھہ جو رسالو‘ جرمنيءَ جي شھر لپزگ مان شايع ڪرايو.
انگريزن جي دور ۾ ديني ادب جا گهڻا ڪتاب لکيا ويا، جن مان قرآن مجيد جا ترجما ۽ مشھور تفسير هيٺ ڏجن ٿا:
(1) تفسير فاضلين (سنڌي: مولانا محمد فضل ۽ سيد محمد فضل شاھہ، حيدرآبادي: 1869ع)،
(2) قرآن پاڪ (ترجمو ۽ حاشيو) مولانا محمد صديق نورنگ پوٽو لاڙ وارو (1878ع)،
(3) تفسير ڪوثر شاھہ مردان: مولانا محمد صديق نورنگ پوٽو لاڙ وارو (1878ع،
(4) ترجمو ۽ تفسـير پاره الم: مخدوم محمد شفيع صديقي، پاٽ (1898ع کان اڳ ۾)،
(5) تذڪير المؤمنين: سيد تاج محمود امروٽي (1900ع)،
(6) قرآن پاڪ (ترجمو حاشيي سان): قاضي شرف الدين سيوهاڻي (1907ع)،
(7) تفسير تنوير الايمان: مولانا محمد عثمان نورنگ زادو، کورواهي (1910ع)،
(8) تفسير مفتاح رشد : قاضي فتح نظاماڻي، ٽنڊو قيصر (1911ع کان اڳ)،
(9) تفسير ضياءُ الايمان مرتضائي: محمد خان لغاري مرتضائي، ٺٽو (1921ع)،
(10) قرآن پاڪ (ترجمو ۽ حاشيو): مولانا نور محمد عادل پوري (1928ع)،
(11) ترجمة القرآن: مولانا محمد مدني، ڪراچي (1931ع)،
(12) مقبول عام قرآن پاڪ (ترجمو): مولانا عبدالرحيم مگسي، دادو (1940ع).
حديث نبويءَ بابت هيٺيان ڪتاب ڇپيا ويا:
(1) صحيح بخاري (ترجمو): مولانا عبدالله کڏهري، مولانا دين محمد وفائي)،
(2) شمائل ترمذيءَ جو سنڌي ترجمو،
(3) مشڪوٰة المصابيح جو سنڌي ترجمو،
(4) سنن ابن ماجه (ترجمو ۽ شرح) ۽ ٻيا ننڍا وڏا ڪتاب وغيرہ.
سيرت النبيءَ تي بہ ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا، جن ۾:
(1) حيات النبي: حڪيم فتح محمد سيوهاڻي،
(2) اخلاق محمدي: حڪيم فتح محمد سيوهاڻي،
(3) حضرت محمد مصطفيٰ: مولوي دين محمد وفائي،
(4) آخري رسول: عبدالخالق خليق مورائي وغيرہ شامل آهن.
فقھ ۽ ديني مسئلن بابت انگريز دور ۾ هيٺيان ڇپيل ڪتاب مشھور آهن:
(1) ارڪان وضو ۽ نماز: حافظ رڪن الدين،
(2) مالا بدمنھ (ترجمو ): قاضي فتح محمد نظاماڻي،
(3) مدح رسول: غلام محمد شاھہ گدا،
(4) مفتاح الصلوٰة (ترجمو): مخدوم عبدالصمد،
(5) مخزن الحقائق (ترجمو) ڪنز الدقائق: هدايت مشتاق،
(6) زائرين الحج: سيد پناه علي شاھہ،
(7) تحفة الاسلام: مولانا محمد عثمان نورنگ زادو،
(8) فتاويٰ احمدي: مولانا حاجي محمد هالائي،
(9) مسئلن اربعين: مولانا حاجي محمد هالائي،
(10) حقوق الزوجين: مولانا حاجي محمد هالائي،
(11) تحفة الصائمين: مولوي عبدالرحيم مگسي،
(12) اسلامي احڪام: مولوي عبدالرحيم مگسي،
(13) تحفة المصلين: مولوي عبدالرحيم مگسي،
(14) ڪتاب الزڪوٰة: مولوي عبدالرحيم مگسي،
(15) عقائد الاسلام: مولوي عبدالرحيم مگسي،
(16) حقوق الذميين: مولوي عبدالرحيم مگسي،
(17) اسلام جا دنيا تي احسان: مولوي عبدالرحيم مگسي،
(18) ڪتاب الاخلاق: مولوي عبدالرحيم مگسي،
(19) نورالايمان: حڪيم فتح محمد سيوهاڻي،
(20) دينيات: حڪيم فتح محمد سيوهاڻي،
(21) اسلامي ڪتاب: حڪيم فتح محمد سيوهاڻي،
(22) خدا هڪڙو آهي: حڪيم فتح محمد سيوهاڻي وغيرہ.
ورهاڱي (1947ع) کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ ديني ادب تمام گهڻي انداز ۾ لکيو ۽ شايع ڪيو آهي، ان جو تفصيل طويل آهي، البت چونڊ ديني ادب (ڇپيل ڪتابن) جا نالا هن ريت آهن:
(1) تفسيرمعلم القرآن: قاضي عبدالرزاق
(2) بيان القرآن: مولانا عبدالله کڏهري (قرآن جي بيتن جو منظوم ترجمو)
(3) نورالقرآن (قرآن پاڪ جو بيتن ۾ ترجمو): مولوي احمد ملاح
(4) تفسير خزائن الرحمٰن: مولانا رحيم بخش قمر
(5) احسن البيان: مولانا محمد ادريس ڏاهري
(6) تفسير المنير: علامہ علي خان ابڙو
(7) بيان القرآن في ترجمة القرآن: پير عبدالوحيد جان سرهندي.
اهڙيءَ ريت سيرت پاڪ بابت بہ ڳچ مواد موجود آهي. چونڊ ڪتابن جو هيٺ ذڪر ڪجي ٿو:
(1) سيرت مصطفيٰ: مخدوم امير احمد
(2) سيرت طيبہ: ڪريم بخش نظاماڻي
(3) سيرت رسول اڪرم: علي محمد راهو
(4) جمال حبيب: فقير محمد اسماعيل ٺٽوي
(5) برڪات الصلوٰة: محمد اسماعيل ٺٽوي
(6) سرورِ ڪائنات: حبيب شاھہ
(7) رسول پاڪ: غلام محمد شاهواڻي
(8) ڪامل رهنما: خانبهادر محمد صديق ميمڻ
(9) محمد مصطفيٰ: رشيد احمد لاشاري
(10) ميلاد النبي: غلام محمد پنوهر
(11) مٺو مرسل: علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي
(12) حضور جي حياتي: سردار علي شاھہ
(13) نور۪ عليٰ نور: مولانا فيروزشاهي دين محمد ’اديب‘
(14) محمد رسول : الحاج رحيم بخش ’قمر‘.
ديني مسئلن، فتوائن ۽ فقھ بابت ورهاڱي کان پوءِ گهڻو مواد ڇپجي ظاهر ٿيو آهي. نموني طور چند ڪتابن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:
(1) فتاويٰ فقھ: مولانا محمد موسيٰ‘
(2) معلم الفرائض: مولانا محمد قاسم مشوري
(3) فتاويٰ قاسميھ: مولانا محمد قاسم مشوري
(4) فتاويٰ همايوني سنڌي: مولانا ڳڙهي ياسيني
(5) تحفة الفقيھ: حافظ عبدالحميد ڀٽي
(6) رساله نماز: محمد بخش واصف
(7) مخزن العلوم حصه قرات، فقھ، ادب، حديث: شاھہ آغا سرهندي
(8) معلم الحج: احمد ولد محمد اسلام ڏهر
(9) بھشت جي ڪنجي: مولانا دين محمد ’اديب‘ فيروزشاهي
(10) رهبر حج: مولانا عبدالڪريم چشتي شڪارپوري
(11) اسلاميات: جمال الدين مومن
(12) اسلامي شريعت: محمد بخش واصف
(13) ڪتاب النڪاح: مولوي عبدالرحمان
(14) اسلام ۽ عورت: گل محمد صوفي
(15) اخلاق محسنيٰ: ڊاڪٽر نبي بخش قاضي
(16) مذهبي حڪومت: نذير حسين
(17) روحاني علاج: غلام محمد پنهور
(18) اسلامي تصوف: مخدوم الزمان طالب الموليٰ
(19) خطبات جتوئي: حڪيم مولوي غلام رسول جتوئي
(20) خواب نامو: غلام حسين جلباڻي
(21) شمع اسلام: آخوند عبدالرحمان ’انجم‘ هالائي
(22) فلسفہ روزہ: آغا تاج محمد خان
(23) صراط المستقيم: اسماعيل بن واصف
(24) اسلامي سوغات: جمال الدين مومن
(25) مواعظ حسنہ: حاجي عبدالله عمر مومن
(26) اصلاح مسلمين: حافظ محمد احسن چنا
(27) فضائل القرآن: غلام محمد پنهور.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ديني ادب جي واڌاري ۽ اشاعت ۾ هيٺين قديم ۽ جديد ڇاپخانن ۽ ادارن جو وڏو هٿ رهيو آهي.
(1) قاضي نور محمد پور بندر واري جو ڇاپخانو،
(2) محمدي مطبع بمبئي
(3) مطبع حيدري بمبئي
(4) مطبع ڪريمي بمبئي
(5) مطبع صفدري بمبئي
(6) فيض سبحاني پريس، ڪوٽڙي،
(7) منشي پوڪرداس ٿانورداس، شڪارپور،
(8) ماستر هريسنگهہ، سکر،
(9) سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي پريس، حيدرآباد
(10) سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد/ ڄام شورو
(11) شاھہ ولي اڪيڊمي، حيدرآباد
(12) آر. ايڇ. احمد برادرس، حيدرآباد
(13) محمد بن قاسم ادبي سوسائٽي
(14) مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور
(15) سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي وغيرہ.
سنڌ ۾ ديني ادب جي تصنيف، تاليف ۽ اشاعت جي رفتار تيز رهي آهي. خاص ڪري انگريز دور کان وٺي اڄ تائين سوين نہ پر هزارين سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتاب لکيا ۽ ڇپيا ويا آهن. ان لاءِ سنڌ جون قديم ۽ جديد لائبرريون، ديني ادب جا ڇپيل ڪئٽالاگ ۽ فهرستون شاهد آهن.


لفظ ديني ادبھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو