دين محمد خان، استاد
دين محمد خان، استاد: استاد دين محمد خان، 1941ع ڌاري تعلقي کپري، ضلعي سانگهڙ جي ڳوٺ مَئُو ۾ جنم ورتو. سندس والد خميسو خان جيڻو، کماچ جو ماهر هو. سندس وڏا رڄواڙي جا مڱڻهار هئا. هن استاد خير محمد خان جي صحبت ۾ رهي کانئس ڪلاسيڪي ۽ نج سنڌي راڳن جي سکيا ورتي ۽ سڱ ۾ سـنـدس مـاسـات به هـو. 1962ع ۾ ريــڊيــو تـي جـڏهن فـنـڪـارن جـــو مقابلو ڪرايو ويو ته استاد دين محمد خان پهريون نمبر ماڻيو ۽ اوارڊ کٽيو. کيس ريڊيو حيدرآباد تي اڳوڻي ريڊيو ڊائريڪٽر عنايت بلوچ ’اي گريڊ‘ (A Grade) جي فنڪار طور منظور ڪيو ۽ پوءِ هو ريڊيو حيدرآباد جي وڏن فنڪارن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. اُستاد دين محمد کي اڪثر ٻئي فنڪار دين محمد شيخ جي ذڪر ۾ ملايو ويندو آهي، جڏهن ته هي ٻئي فنڪار ڌار ڌار آهن. اُستاد دين محمد ڪافيءَ ۽ غزل جي گائڪيءَ ۾ وڏو مقام رکندو هو. هو ڳائڻ وقت راڳ جي شڪل ٺاهي، جڏهن ’آ‘ ڪندو هو ته محفل کي مُنڊي ڇڏيندو هو. ڳائڻ وقت سندس مُرڪون ۽ نوٽيشن ماڻهن تي سحر طاري ڪري ڇڏيندا هئا. هن جي آواز جي پِچ تمام مٿانهين هئي ۽ هو هارمونيم جي ٻئي سبتڪ کان مٿي آ ڪندو هو.
ريڊيو حيدرآباد تي سندس ڪافي اسم موجود آهن، جن ۾ هيٺيان ڏاڍا مشهور ٿيا:
• پنڌ پري، منزل ڏور، ڏاگها ڏينهن نه اُڀري (مصري شاهه جي ڪافي)
• ساوڻ ڏاڍا سبزا لايا، سانگين سانگ رچايا وي! (ڪافي)
• منهنجي مارن جو آهي پنڌڙو پري (ڪافي)
• دلدار سان منهنجي دل اڙي اڙي (حافظ شاهه جو غزل)
اُستاد دين محمد، عبدالڪريم پليءَ جون ڪافيون ۽ غزل به تمام گهڻا ڳايا آهن. هُو ’همرچو‘، زرعي لوڪ گيت به ڪمال جو ڳائيندو هو ۽ اُن جي شڪل به هن ئي ٺاهي هئي.
استاد دين محمد جي مکيه شاگردن ۾ ڀڳڙو خان، محمد ابراهيم جوڻيجو، عرس فقير ڏيڌڙو ۽ نياز علي گهَلو مشهور آهن. استاد دين محمد زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ مئوءَ ڳوٺ جي هڪ راجپوت گهراڻي جي ڪوٺ تي هندستان به ويو، جتي خاص ڪري جوڌپور جي سراءِ محل ۾ سنڌي ۽ خاص قديم رڄواڙن جي لوڪ موسيقيءَ ۾ وڏو نالو ڪڍيائين. سندس فرزند لياقت علي خان ريڊيو، پي. ٽي. وي ۽ ثقافت کاتي جي پروگرامن ۾ پرفارم ڪري ڪافي نالو ڪمايو آهي. سندس پوٽو امانت علي خان راڳداريءَ ۾ چڱو اُڀري آيو آهي.
استاد دين محمد خان 16 مئي 2008ع ۾ ڪسمپرسيءَ واري حالت ۾ وفات ڪئي.
2008.05.16 عيسوي
استاد دين محمد خان 16 مئي 2008ع ۾ وفات ڪئي.