دين محمد سيد

دين محمد، سيد: ’تحفة الڪرام‘ ۾ مير علي شير قانع ٺٽوي ڄاڻائي ٿو تہ: ”سيد دين محمد، سيد عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو فرزند هو. سيد عبدالڪريم جھان مان وڃڻ وقت پنھنجي پٽ سيد دين محمد کي سڏي ولايت جي امانت ڏني. سيد عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو هيءُ پٽ ولايت ملڻ کان پهرين دنيا جو خواهشمند هو، پر ولايت ملڻ کانپوءِ دنيا کان پري ٿي ويو. ڪارا ڪپڙا پائي سجادہ نشينيءَ جي گاديءَ تي ويٺو ۽ پنھنجي پيءُ واري رستي تي هلڻ لڳو. اڪثر وقت درگاھہ تي وعظ ڏيندو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو