دين محمد شاھہ ميڻن وارو

دين محمد شاھہ ميڻن وارو: مشھور عالم، مولوي دين محمد ولد محمد شاھہ 1880ع ڌاري ڳوٺ ميڻا تعلقي قمبر ۾ جنم ورتو. سندس وڏا اصل اُچ شريف جا هئا، جتان لڏي اچي پهرين سکر پوءِ تعلقي قمبر ۾ آباد ٿيا. عربي ۽ فارسي جي تعليم مولوي خير محمد چانڊيي وٽ ميرو خان ۾ حاصل ڪيائين. سندس لاڙو ننڍپڻ کان ئي روحانيت ڏانهن هو، طريقت جا پهريان سبق مولانا عبدالغفور همايونيءَ کان ورتائين. ان کان پوءِ نامور عالم مولانا تاج محمود امروٽيءَ وٽ 25 سالن جي عمر تائين سلوڪ جون منزلون طئہ ڪيائين. مولانا امروٽيءَ کيس خلافت جو خرقو عطا ڪيو ۽ کيس عوام جي روحاني تلقين لاءِ چيائين.
ٿوري ئي وقت ۾ سندس هزارين مريد ٿيا، جنهن کانپوءِ پنھنجي ڳوٺ ميڻن ۾ ديني مدرسو قائم ڪري درس تدريس جو ڪم شروع ڪيائين. ان مدرسي مان سوين شاگرد عالم ۽ حافظ ٿي نڪتا. دين محمد کي مطالعي سان ڪافي دلچسپي هوندي هئي. آخر تائين مطالعي ۾ مشغول رهيو. مولانا امروٽي سندس مرشد هو. امروٽي تبليغ ۽ جهاد جي سلسلي ۾ جيڪي بہ عمل سرانجام ڏنا، انهن ۾ دين محمد ساڻس گڏ رهيو. کيس مسجدن تعمير ڪرائڻ ۽ آباد ڪرائڻ جو ڪافي شوق هوندو هو. ڳوٺ ميڻن ۽ پسگردائيءَ ۾ ڪيتريون ئي مسجدون تعمير ڪرايائين. 93 ورهين جي ڄمار ۾ 25 جون 1973ع تي وفات ڪيائين. سندس آخري آرامگاھہ ڳوٺ جي قبرستان ۾ آهي. کيس ڇھن پٽن جو اولاد هو، جنهن مان ڊاڪٽر محمود شاھہ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پروفيسر رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1973.06.25  عيسوي

دين محمد شاهه 93 ورهين جي ڄمار ۾ 25 جون 1973ع تي وفات ڪيائين. سندس آخري آرامگاهه ڳوٺ جي قبرستان ۾ آهي.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد امير محمد شاھہ
عبدالقادر چاچڙ ڊاڪٽر
شاھہ ولي ﷲ دهلوي
عبدالجبار صديقي مخدوم
حاجي بولو
پنهواري عبدالقادرعلامه
عبدالباسط ٺٽوي شيخ
اصطخرِي
امام مسعود سنڌي
عبدالرزاق قاضي ترائيءَ وارو مولوي
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون