شيخ دين محمد

شيخ دين محمد

دين محمد شيخ 2

دين محمد شيخ 2: ريڊيي ۽ سنڌي فلم انڊسٽريءَ جو نامور فنڪار دين محمد شيخ، 5 جنوري 1941ع تي ڳوٺ جادم جوڻيجي، تعلقي شهدادپور، ضلعي سانگهڙ ۾ ڄائو. پنجين درجي تائين سنڌي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ٽنڊي آدم مان، مئٽرڪ گورنمينٽ شاھہ لطيف هاءِ اسڪول ٽنڊي آدم مان پاس ڪيائين. جنهن بعد وڌيڪ تعليم لاءِ سچل ڪاليج حيدرآباد ۾ داخل ٿيو، جتان گريجوئيشن ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد ليبر کاتي ۾ سرڪاري ملازم مقرر ٿيو. هن کي راڳ سان شاگرديءَ واري دور کان ئي لڳاءُ هو ۽ ان وقت کان راڳ جي سکيا وٺڻ لڳو. ڪافي عرصي تائين ننڍن وڏن پروگرامن ۾ ڳائيندو رهيو. 1959ع کان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڳائڻ لڳو. ريڊيو تي کيس گهڻي شھرت ملي. اڳتي هلي 1968ع ۾ پهريون دفعو هن هڪ اردو فلم ‘نئي انداز’ ۾ ڳايو. ان فلم جو ميوزڪ ڊائريڪٽر فيروز گل هو. 1970ع ڌاري ايس. واءِ احمد جي فلم ‘رنگ محل’ ۾ گانا رڪارڊ ڪرايائين. ان کان سواءِ هڪ پنجابي فلم ‘وفا ياران دي’ ۽ شاھہ اسد جي هڪ ٽيلي فلم ۾ گانا ڳايا. اها ٽيلي فلم 2005ع ۾ ٺاهي وئي. سنڌي فلم ‘مٺڙا شال ملن’ ۾ بہ هن هڪ مزاحيہ گانو ڳايو. هن نامور فنڪارہ رونا ليليٰ سان گڏ بہ گانا ڳايا آهن. ريڊيو تي ڳايل سندس ڪيترائي گانا ريڊيو جي مختلف پروگرامن ۾ هلندا رهن ٿا. کيس فلمن ۾ ڳايل گانن سبب گهڻي شھرت ملي ۽ سندس گانا گهڻو پسند ڪيا ويا. ڪجهہ عرصو اڳ وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1941.01.05  عيسوي

نامور فنڪار دين محمد شيخ، 5 جنوري 1941ع تي ڳوٺ جادم جوڻيجي، تعلقي شهدادپور، ضلعي سانگهڙ ۾ ڄائو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الھڏنو نوناري
بالي اقبال
ٻيجل سنڌي
آصف چارڻ
رفيق فقير
امينه گلوڪاره
ام ڪلثوم
شاهنواز سولنگي
استاد احمد خان
سرور سخيراڻي
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون