ديوانه بستي گبربند

ديوانه (بستي/ گبربند): هي اسلامي دؤر جو ماڳ آهي، جيڪو تعلقي جوهيءَ، ضلعي دادوءَ ۾ واقع آهي. کيرٿر جبلن جي اولھہ ۾ ٻہ مکيہ نئيون وهنديون هيون، هڪ نئن گاج (نئن ڪولاچي) ۽ ٻي نئن حب. اهي ٻئي نئيون هڪ ٻئي جي ڀرسان وهنديون هيون ۽ سخت برساتن ۾ اٿل ڪري هڪ ٻئي سان گڏجي وهي، ڪولاچيءَ جي ڪُن وٽ عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪنديون هيون، پر وقت گذرڻ سان ۽ ڪنهن زميني حادثي يا ڪنهن ٻئي سبب ڪري نئن ڪولاچي (نئن گاج) کير ٿر جي آرپار هڪ ڊگهي ۽ ڳجهي سُرنگ (لوڙھہ) مان رستو گهڙي هن وقت دادو ضلعي جي جوهي تعلقي مان لنگهي ايشيا کنڊ جي مٺي پاڻيءَ جي وڏي ۾ وڏي قدرتي ڍنڍ منڇر ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.
ڪراچيءَ کان ڪوئيٽا ڏانهن ويندڙ شاهي رستو، هن نديءَ جي ڀرسان ۽ ڪٿي نديءَ کي ۽ نديءَ جي ٻين ڀرتو ڪندڙ ننڍين وڏين نَئين کي پار ڪري لنگهي ٿو. هن شاهي رستي تي حب چوڪيءَ کان مٿي اتر ۾ دريجي، مهري، خضدار، قلات ۽ ڪي ٻيا ننڍا وڏا ڳوٺ ۽ شھر واقع آهن، پر ان شاهي رستي مٿان يا رستي جي لڳ ڀڳ هڪ اهڙي ويران ۽ ڦٽل وسنهن ۽ بستي جا آثار ۽ کنڊر بہ ملن ٿا، جيڪا بستي 2500 کان 1900 سال ق. م کان اڳي آباد ۽ شاداب هئي. ان کنڊرن واري علائقي کي ’ديوانه، ديوان ۽ ديوانا‘ جي نالن سان سڏيو وڃي ٿو ۽ اهو ڦٽل شھر ڪراچيءَ کان اتر ۾ 100 ميلن جي پنڌ تي واقع آهي. ديوانه کان سنڌ ڏانهن اچڻ لاءِ ٽي پراڻيون واٽون آهن. پهرين واٽ اتر واري آهي. ان واٽ سان پٽوڙي ۽ گاڙ لڪن مان ٿي، لوئي ۽ انگائي نئين مان لنگهي، ٽنڊي رحيم خان وٽان ٿيندي، سنڌ ۾ داخل ٿبو آهي. ٻيءَ واٽ سان سارونا ندي ۽ ماٿري اڪري، ديوانا ماٿري لتاڙي ڪوٽو لڪ لنگهي پوءِ منڇر ڍنڍ تائين پهچبو آهي. ٽين واٽ ڏاکڻي واٽ آهي، ان واٽ سان دريجي وٽان لنگهي ٻيلي ٽپ لتاڙي، گزلڪ ٽپي، تونگ وٽان نئن باران جي مٿانهين ماٿريءَ مان هلي، ڪوھہ تراش جي ڏکڻ ۾ پراڻي پيش واٽ ۾ اچي پئبو. اتان سيوهڻ ۽ ٿاڻي بولا خان ڏانهن رستا وڃن ٿا، پهرين اترين واٽ سان مفاصلو چاليهن ميلن کان ڪجهہ وڌيڪ آهي. وچينءَ واٽ سان ديوانه کان منڇر تائين پنڌ چاليهن ميلن کان ڪجهہ گهٽ آهي، پر ڏاکڻي واٽ تمام ڏکي ۽ ڏورانهين آهي.
ديوانه واري ويران ۽ ڦٽل علائقي ۾ ڪيتريون ئي ننڍيون ننڍيون ٽڪريون آهن، جن جي مٿان جاءِ بجاءِ پٿرن جون ڍڳيون نظر اينديون. پٿرن جون ڪي ڍيريون ۽ ڍڳيون اهڙيءَ ترتيب سان ڏسڻ ۾ اينديون، جن مان اهو گمان، يقين جي صورت اختيار ڪري ٿو تہ اهي ڍڳيون، ديوارن ۽ ڀتين جون ئي ٿي سگهن ٿيون. اهي ٽڪريون اتر کان ڏکڻ ڏانهن اٽڪل ساڍا چار سئو فوٽ ۽ اوڀر کان اولھہ ڏانهن ٽي سئو پنجهتر فوٽن ۾ پکڙيل آهن ۽ ديوانه جي ماٿري نئن حب جي اوڀر ۾ ڇھن ميلن جي ايراضي والاري ٿي. ڪنهن سمي نئن ڪولاچي ان ماٿريءَ جي لڳ اوڀر ۾ وهندي هئي، ڄڻڪ اها ديوانه ماٿري نئن ڪولاچي ۽ نئن حب جي وچ ۾ واقع هئي. هن وقت نئن ڪولاچيءَ جا ڇڊا پاڊا نشان ڏسڻ ۾ اچن ٿا، ڇاڪاڻ تہ نئن جو پيٽ وارياسو علائقو ٿي ويو آهي.
ديوانه جي اتر ۾ هڪ نالي يا ننڍي نئن جي وهڪري جا آثار بہ ملن ٿا، جيڪو اُن ميداني علائقي کان وٺي جبلن جي دامن تائين 900 فوٽ ڊگهو آهي، اتي ٽڪريون اٽڪل 500 فوٽ اوچيون آهن. انهن ٽڪرين ۾ هڪ لنگهہ آهي، جيڪو ٽڪرين جي اوڀر ۾ ۽ اصل جبلن جي اولھہ ۾ واقع آهي. اتي جبلن جي اوچائي 1500 فوٽ ٿيندي. اهو هڪ قدرتي لنگهہ آهي، جيڪو ڏيڍ سئو فوٽ ڊگهو آهي. ان لنگهہ مان ساڍا چار هزار سال اڳ پراڻي دؤر ۾ ان علائقي جا رهڻ وارا آبادگار پورو پورو فائدو وٺندا هئا. انهن آبادگارن پنھنجي دور ۾ ان لانگهي کي پنجويھہ فوٽ اوچي ٻنڌ سان بند ڪيو هو. ان بند جي پٿرن کي ڪجهہ گهڙي ڇپن سان (Sand Stone Blocks) تعمير ڪيو ويو هو. ابتدائي دور ۾ اها ٻنڌ اٽڪل پنجهتر فوٽ ڊگهي هئي. وقت جي ڊاھہ ڊوھہ واري عمل سبب هن وقت گهڻي ڀڄي پئي آهي. هن وقت بند تري ۾ پنجويهن فوٽن کان مٿي ۽ چوٽيءَ تي ڇھن فوٽن کان بہ وڌيڪ موڪرو آهي. برساتن جو پاڻي وهي ان خال (لنگهہ) ۾ جمع ٿيندو هو.
ان ڊگهي نالي جي اتر اوڀر واريءَ ڪنڊ تي هڪ دڙو بيٺو آهي، جيڪو ’ديوانه بستي‘ جو قديم ترين ۽ بلند ترين دڙو آهي. ان دڙي جي معائني مان معلوم ٿئي ٿو تہ اڏاوتن ۾ جيڪو پٿر ڪتب آندو ويو آهي، سو ڇپن جي صورت ۾ پهرين گهڙيو ويو هو. گهرن جي اڏاوتن ۾ اهي گهڙيل پٿر استعمال ڪيا ويا هئا. هڪ عمارت جي بنيادن جا نشان صاف ظاهر بيٺا آهن. عمارت هڪ هموار ۽ سنئين ٿلهي تي بيٺل آهي. هڪ ڀت جي ڏکڻ ۾ هڪ ڏاڪو ڀڳل حالت ۾ نظر اچي ٿو. ان کانسواءِ ٿلهي جي وچ ۾ ٻن گول کڏن جا نشان بہ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. کڏون، قطر ۾ اٽڪل ست فوٽ آهن. ان عمارت جي اولھہ ۾ ٻين ڪيترن ئي ننڍن گهرن جي معمولي اڏاوتن جا بنياد بہ ملن ٿا. ديوانه جي بٺين تان گهڻي تعداد ۾ ٺڪريون ملن ٿيون، جن مان تمام گهڻائي اهڙين ٺڪرين جي آهي، جن جو تھہ هلڪي ڳاڙهي يا پيلي رنگ سان رنڱيل آهي ۽ ان مٿان ڪاري رنگ ۾ چٽ چٽيا ويا آهن. ان کانسواءِ ويڪري ۽ کليل منهن وارن پيالن جو ٺڪراٺو پڻ مليو آهي، جنهن کي ڪنارن وٽ اندران ڪريم يا هلڪي پيلي رنگ ۾ پٽو ڪڍيو ويو آهي. ٿانون تي جيڪي بہ چٽ ڪڍيا ويا آهن، سي تمام سھڻا ۽ شانائتا آهن. جن مان ڪنڀارن جي ڪاريگري بکي ٿي. اها چٽسالي هونئن تہ نال تھذيب سان مشابهت رکي ٿي، پر اُن تي مڪاني اثر بہ بلڪل صاف نظر اچي ٿو، جيڪو وري منڇر تھذيب وارن چٽن جهڙو آهي. ديوانه مان لڌل ٻيو ٺڪراٺو بلوچي تھذيب جي عڪاسي ڪري ٿو. سمورو ٺڪراٺو تھذيب '>سنڌو تھذيب (2600-1900 ق.م) واري ٺڪراٺي کان وڌيڪ پراڻو آهي. ديوانه مان مٽيءَ جا پڪل يا ڪچا ڪيڪ نما ٽڪرا، مهرون، ٽامي ۽ ڪُٽ جا اوزار، عاج، هڏن ۽ ڌاتن جون ٺهيل سُيون، ڦڻيون، رانديڪا، وٽ، مورتيون ۽ ٻيون اهڙيون وٿون نہ مليون آهن، جن جو سنڌو ماٿريءَ واري تھذيب سان واسطو ظاهر ٿئي، سنڌو تھذيب ۾ پٿر، ڌاتن، پڪي مٽي، ڪاٺ، عاج، هڏي، چمڙي ۽ سپ جو مناسب ۽ سھڻو استعمال ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جيڪو ديوانه ۾ بلڪل اڻلڀ آهي. ان کانسواءِ جن بہ بٺين ۽ ڪوٽيرن تي ننڍن ننڍن معمولي گهرن جي پيڙهن جا آثار ڏسڻ ۾ اچن ٿا، تن مان ڀليءَ ڀت اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ انهن اڏاوتن جو سنڌو (هڙپا/ موهن جي دڙي) تھذيب وارين اڏاوتن سان پري جو بہ تعلق نہ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو