ديوان انور
ديوان انور (ڪتاب): ديوان انور سنڌ جي آخري ٽالپر حڪمران مير محمد نصير خان ٽالپر ’جعفري‘ جي استاد، وزير ۽ مشير آخوند محمد بچل تخلص ’انور‘ جي فارسي غزلن جو مجموعو آهي. آخوند محمد بچل، مير محمد نصير خان جي دؤر ۾ ’مشير سرڪار ۽ معتمد‘ ٿيو ۽ شاهي مهر بردار به بڻيو. هي مٽيارين جي آخوندن مان هو. سندس والد جو نالو آخوند محمد صالح هو. انشاپردازي ۽ فن قطعه تاريخ ۾ سندس ڪو ثاني نه هو. ديوان انور ۾ غزلن کانسواءِ فارسيءَ ۾ منقبت، قصيدا، مربع، مسدس، قطعه تاريخون ۽ مثنويون شامل آهن. نثر ۾ سندس ڪا به تصنيف نٿي ملي سواءِ مير محمد نصير خان ٽالپر جي ’مثنوي مرزا صاحبان‘ تي نثر ۾ سندس لکيل ديباچو ملي ٿو. هن فارسي شاعريءَ کانسواءِ سنڌيءَ ۾ ڪجهه مرثيا ۽ هڪ طويل مخمس شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شان ۾ چيل ملي ٿو. فارسيءَ ۾ ’انور‘ تخلص ۽ سنڌيءَ ۾ ’باري‘ يا ’بچل‘ تخلص ڪتب آندو آهي. آخوند محمد بچل ’انور‘ جو ديوان هن وقت ناياب ٿي چڪو آهي، پر هڪ قلمي نسخي ۾ سندس 62 غزل رديفن مطابق الف- ب ترتيب سان رکيل آهن، جن جو نتخاب پير حسام الدين راشديءَ جي ڪتاب ’ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون‘ ۾ شامل آهي، باقي غزل اڃا تائين شايع نه ٿيا آهن.