
ديوان بيدل2
ديوان بيدل2 (ڪتاب): فقير قادر بخش بيدل جي شاعريءَ جو هي ديوان، سندس ئي شھر واسي ديوان گدومل کٽڻ مل هرجاڻيءَ جو سهيڙيل آهي. ديوان گدو مل هن ديوان کي ٻن حصن ۾ سهيڙي، ٻن جلدن ۾ 41-1940ع ڌاري سکر مان شايع ڪرايو هو، جڏهن تہ هن جو موجودہ نئون ايڊيشن، ’بيدل يادگار ڪميٽي، روهڙيءَ‘ طرفان 2007ع ۾ هڪ جلد ۾ شايع ٿي چڪو آهي.
اداري پاران ’پيش لفظ‘ ۾ ڄاڻايل آهي تہ: ”ديوان بيدل عرف بيدل جي سوانح عمري ۽ سرودنامه، فقير قادر بخش ’بيدل‘ جي سوانح ۽ ڪلام تي مشتمل هي پهريون ڪتاب آهي، جنهن کي بيدل سائينءَ جي ئي شھر واسي گدو مل کٽڻ مل هرجاڻيءَ بھترين مقدمي ۽ سھڻي سوانح سان سهيڙي، 41- 1940ع ۾ سکر جي تلڪ پريس مان ٻن جلدن ۾ شايع ڪرايو هو. انهيءَ کان پوءِ توڙي جو بيدل سائينءَ جي سوانح عمري ۽ ڪلام جا ٻيا بہ ڪتاب شايع ٿيا، پر گدو مل هرجاڻيءَ جي ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت دائم ۽ قائم رهي ۽ انهيءَ ڪتاب بيدل سائينءَ جي شخصيت، سوانح ۽ شاعريءَ تي تحقيق ڪندڙن لاءِ مشعل راھہ جو ڪم ڏنو.“
نئون ايڊيشن ’بيدل يادگار ڪميٽيءَ‘ طرفان شايع ٿيل آهي، جنهن ۾ ٻئي ڀاڱا هڪ ئي جلد ۾ شايع ڪيل آهن. ڪتاب ’ديوان بيدل‘ جو مهاڳ نوجوان محقق اختر درگاهيءَ جو لکيل آهي. ان کان سواءِ گدو مل کٽڻ مل هرجاڻيءَ جو تفصيلي احوال بہ شامل آهي. پهرئين جلد جو منڍ ۽ ٻئي جلد جو ديباچو بہ شامل آهن. مقدمو پنجن فصلن: (1) بيدل جي سوانح عمري، (2) بيدل جو مذهب، (3) بيدل سان روح رهاڻ، (4) بيدل جي تاليف ۽ تصنيفات، ۽ (5) بيدل جو شعر ۽ شاعريءَ تي مشتمل آهي ۽ آخر ۾ سرود نامہ آهي. ڊيمي سائيز جو 312 صفحن تي مشتمل هي ناياب ديوان، بيدل يادگار ڪميٽي، روهڙيءَ طرفان 2007ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي، جنهن جي قيمت 250 روپيا آهي، جنهن ۾ بيدل فقير جي فرزند محمد محسن بيڪس جي سوانح عمري ۽ ڪلام ۾ ڏنل آهي.