ديوان بهادر مرليڌر پنجابي

ديوان بهادر مرليڌر پنجابي

ديوان بھادر مرليڌر پنجابي

ديوان بھادر مرليڌر پنجابي: نامور سماج سڌارڪ بھادر مرليڌر پنجابي'>ديوان بھادر مرليڌر پنجابي شڪارپور جو رهاڪو هو. شڪارپور شھر کي خوبصورت بنائڻ ۾ سندس وڏو هٿ هو. هي ڪيترائي سال شڪارپور ميونسپالٽيءَ جو پريزيڊنٽ ٿي رهيو. سندس ايامڪاريءَ ۾ ئي شھر جو سڌارو ۽ واڌارو ٿيو. ڪيترا پڪا رستا ٺهرايائين. اسڪول ۽ اسپتالون قائم ڪرايائين. ان کانسواءِ عام ڀلائيءَ جي ٻين ڪمن جھڙوڪ: شھر جي صفائي ۽ روشني وغيرہ جو انتظام بہ ڪيائين. ديوان مرليڌر کي شھر جي سونهن وڌائڻ ۽ سڌارڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. سندس ڪوششن سان شھر ۾ باغ ۽ باغيچا لڳا. هن پنھنجي گهر واريءَ جي نالي سان ’ڪنيا پاٺشالا‘ کولائي، جيڪا مائي گنگا ديوي هلائيندي هئي. ديوان مرليڌر نہ صرف سماج سڌارڪ هو، پر پنھنجي وقت جو ناليوارو وڪيل بہ ٿي گذريو آهي. هن وڪالت دوران سڄي سنڌ ۾ نالو ڪمايو. سندس ڪامياب وڪالت جي اڄ بہ اها ئي مڃتا آهي، جو ڪنهن جي هوشياري ۽ ڏاهپ ڏسي عام طور چيو ويندو آهي تہ ڄڻ تہ ’مرليڌر وڪيل‘ آهي. مقامي سياست کان سواءِ قومي آزاديءَ جي هلچل ۾ بہ حصو ورتائين. 1917ع ۾ شڪارپور ۾ سنڌ پراونشل ڪانفرنس ٿي تہ مرليڌر ان جو چيئرمئن ٿيو. 1918ع ۾ ڪراچيءَ ۾ سنڌ پراونشل ڪانفرنس ٿي تہ کيس ان جو پريزيڊنٽ چونڊيو ويو. انهيءَ ڪانفرنس جو چيئرمئن سنڌ جو مشھور سياستدان سيٺ هرچندراءِ وشنداس هو. ديوان بھادر مرليڌر شڪارپور جي خيراتي ’راءِ بھادر اوڌو داس اسپتال‘ جي اڏاوتي ڪميٽيءَ جو چيئرمئن پڻ رهيو.


لفظ ديوان بھادر مرليڌر پنجابيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو