ديوان حافظ شيرازي

ديوان حافظ شيرازي

ديوان حافظ شيرازي

ديوان حافظ شيرازي (ڪتاب): ايران جي نامور غزل گو شاعر خواجه حافظ شيرازيءَ جي غزلن جو مجموعو ’حافظ شيرازي'>ديوان حافظ شيرازي‘ سڏجي ٿو. حافظ شيرازيءَ جو اصل نالو خواجه شمس الدين محمد هو ۽ هن پنهنجو تخلص ’حافظان ڪري رکيو هو، جو هو قرآن مجيد جو حافظ ۽ تفسير جو ماهر هو. سندس هڪ شعر آهي:
ندیدم پشتر از شعرِ تو حافظ
بہ قرآنِ کہ اندر سینہ داری
حافظ شيرازي فارسي غزل ۾ حرف آخر جي حيثيت رکي ٿو. ’ديوان حافظ‘ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته حافظ نه رڳو غزل کي هڪ شعري صنف ۽ صنعت طور منفرد مقام ڏنو ۽ ان ۾ عجب جهڙا تجربا ڪيا، پر انسان جي جذبن ۽ احساسن جي لطافت کي لفظن ۽ معنيٰ جا اهڙا لباس پهرايا آهن، جو ڪي ڪي شعر پڙهي، سندس زبان جي شيريني ۽ لطافتن تي واهه واهه ڪندي، پڙهندڙ سندس معنوي گهراين ۽ استعارن جي وسعت ۾ گم ٿيو وڃي.
عالمن فارسي شاعريءَ جا چار زمانا مقرر ڪيا آهن: (1) رودڪي، اسدي طوسي، عنصري، فرخي ۽ فردوسيءَ جو زمانو، (2) خاقاني، انور، نظامي، حڪيم سنائي، مولانا روم ۽ عمر خيام جو زمانو، (3) سعدي، امير خسرو ۽ حافظ شيرازيءَ جو زمانو، (4) فيضي، عرفي، نظيري وغيره جو زمانو. حافظ ٽئين زماني جو شاعر هو، جڏهن غزل کي ڪمال حاصل هو. سندس غزل گوئيءَ جي شهرت هنڌين ماڳين هئي.
حافظ جي غزلن ۾ صنعت گري ۽ سينگار آهي. سندس غزلن ۾ جذبات ۽ آتم ڪهاڻيءَ جو بيان آهي، سوز و گذار جي جن منزلن مان دل گذري ٿي، اُن جون تصويرون آهن. روح تي گذرندڙ وارداتن جو ذڪر آهي، اهو ئي سبب آهي ته صنعت گري ۽ سينگار جي باوجود حافظ جي غزل ۾ تغزل جو جوهر اُتم موجود آهي. هن جي ديوان ۾ قصيدا، مثنويون ۽ رباعيون به شامل آهن، پر اهي غزلن جي مقابلي ۾ گهٽ درجو رکن ٿيون. دنيا ۾ اڄ تائين هن جي غزل جو همسر مشڪل سان پيدا ٿيو آهي. هو غزل جي خاص زبان استعمال ڪري ٿو، هو غزل ۾ علمي، اخلاقي ۽ فلسفيانه نقطا ادا ڪري ٿو ۽ غزل جي لطافت ۾ فرق نه ٿو پوي.
حافظ غزل کي شاعريءَ جو محور بنائي، ان ۾ جنهن به قسم جو خيال آڻڻ گهريو آهي، اُن کي ڪمال سان ادا ڪيو آهي. عام طرح ايراني شاعرن وٽ قنوطيت (Pessimism) ملي ٿي، پر حافظ وٽ رجائيت (Optimism) آهي.
ديوان حافظ جي شروعات هن مشهور غزل سان ٿئي ٿي:
الا یا ایہا الساقی ادرکا ساً و نا وِلہا
کہ عشق آسان نمود اول ولے افتاد مشکلہا
(سجاڳ ٿي اي ساقي! پيالي کي ڦيراءِ ۽ پيار، ڇو ته عشق پهريائين سولو ڏسڻ ۾ آيو، پر (پوءِ ان ۾) سخت تڪليفون پيش آيون.)
ديوان حافظ ۾ حافظ شيرازيءَ جو اهو جڳ مشهور غزل به شامل آهي، جنهن ۾ هن ’يار جي تِرَ تان سمرقندر ۽ بخارا گهوري ڇڏيا هئا‘:
اگر آن تُرک شیرازی بدست آرد دِل مارا،
بخالِ ہندویش بخشم سمرقند و بخارارا۔
(جيڪڏهن شيرازي محبوب اسان جي حال تي مهرباني ڪري ته آءٌ هن جي ڪاري تِر تان سمرقند ۽ بخارا قربان ڪري ڇڏيان.)
ديوان حافظ شيرازيءَ جي سڀ کان وڏي خاصيت اها آهي، ته اهو صدين کان فالنامي طور استعمال ٿيندو اچي ٿو. ديوان حافظ مان فال ڪڍڻ جي لاءِ قديم دور کان وٺي منفرد طريقو موجود آهي، فال ڪڍڻ لاءِ صبح ۽ شام جون الڳ الڳ جدولون آهن، جن موجب فال ڪڍڻ وقت مخصوص طريقي سان حرف چونڊڻ کانپوءِ اهي پاڻ ۾ ملائبا آهن ته ڪنهن نه ڪنهن غزل جي مطلع وار مصرع ٺهي پوندي آهي ۽ ان مصرع کي جواب تسليم ڪيو ويندو آهي.
ننڍي کنڊ جا مغل حاڪم ۽ سنڌ جا مغل نواب، ڪلهوڙا ۽ ٽالپر حڪمران به ديوان حافظ مان فال ڪڍائيندا هئا. مير ڪرم علي خان ٽالپر جي هڪ قلمي بياض ۾ ’فالنامه ديوان‘ جي عنوان سان هڪ تفصيلي باب تحرير ٿيل آهي. ان کان سواءِ مرزا قاسم علي بيگ به پنهنجن مرثين جي بياض ۾ هن فالنامي کي وڌيڪ آسان ڪري تفصيل سان قلمبند ڪيو آهي. ’حافظ شيرازي'>ديوان حافظ شيرازي‘ بر صغير ۾ سوين دفعا شايع ٿي چڪو آهي. ان کان سواءِ ايران مان به ڪيترا دفعا شايع ٿيندو رهيو آهي. ’ديوان حافظ شيرازيءَ‘ جو سنڌيءَ ۾ منتخب ترجمو مشهور استاد، اديب ۽ عالم محمد يعقوب ’نياز‘ ميمڻ ڪيو هو، جيڪو آگم پبليشنگ ايجنسيءَ، حيدرآباد، فبروري 1983ع ۾ شايع ڪيو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو