ديوان حسين II- (ڪتاب): هيءُ ديوان سنڌ جي ٽالپر گهراڻي جي ٻي چؤياريءَ جي پهرين حاڪم مير نور محمد خان ٽالپر جي فرزند مير محمد حسين علي خان ٽالپر جي اردو غزلن تي مشتمل آهي. مير حسين علي خان ٽالپر پنهنجو هي اردو ديوان ايراني خطاط کان قلمبند ڪرايو هو. گڏوگڏ هن ديوان ۾ ٽالپر حاڪمن فاتح سنڌ مير فتح علي خان ٽالپر، مير محمد نصير خان ٽالپر، مير صوبدار خان، مير محمد خان ٽالپر، ايران جي حاڪم ۽ ٽالپرن جي دوست فتح علي شاھہ قاچار ۽ ليليٰ مجنون، شيرين و فرهاد، وامق و عذرا ۽ ٻين مشھور عاشقن ۽ معشوقن جون رنگين تصويرون بہ شامل آهن.
هن ديوان ۾ اردو غزلن سان گڏ ڪٿي ڪٿي پوربي ٻوليءَ ۾ بہ غزل چيل آهن. غزلن ۾ استعارا، تشبيهون ۽ صنعتون جڳھہ جڳھہ تي ملنديون يعني هي ديوان فصاحت ۽ بلاغت جو آئينو آهي. ديوان ۾ رديفن مطابق غزل الف- ب ترتيب سان رکيل آهن. هي ديوان قلمي صورت ۾ مير حسين علي خان ٽالپر جي اولاد وٽ محفوظ آهي، جيڪو اڃا شايع نہ ٿي سگهيو آهي.