
ديوان حضرت علي رضه
ديوان حضرت علي رضہ (ڪتاب): هي ڪتاب اميرالمؤمنين حضرت علي عليہ السلام جي عربيءَ شاعريءَ جو ديوان آهي. ان وقت عربن ۾ اهڙا شاعر هئا، جن جو مثال ملڻ مشڪل آهي، بلڪہ عربن کي پنھنجي فصاحت و بلاغت تي ناز هو. حضرت علي عليہ السلام جي ديوان ۾ موجود عربي قصيدا توحيد، نبوت، امامت، انسانيت، اخلاقيات، حسن ظن، فنائيت، يقائيت، مناجات، اولاد کي نصيحت، جنگين ۽ حضرت محمد مصطفيٰ صلي ﷲ عليہ وسلم حضرت ابو طالب عليہ السلام، بيبي خديجة الڪبريٰ، بيبي فاطمہ بنت اسد ۽ نامور اسلامي شخصيتن بابت آهن. ديوان بابت علماءِ دين ۽ نامور عرب شاعرن لکيو آهي ته، ”ديوان حضرت علي رضہ عرب شاعرن جي سڀني ديوانن کان اعليٰ ۽ فصاحت و بلاغت سان ڀريو پيو آهي. وزن، قافين ۽ رديفن جي لحاظ کان نهايت پختو ۽ بھترين شعري مجموعو آهي. توحيد، نبوت، عدل، امامت، قيامت، اسلامي جنگين ۽ شريعت ۽ طريقت بابت سندن ديوان ۾ منظوم تفصيلي معلومات آهي. عربن جي قديم توڙي جديد شاعرن حضرت علي عليہ السلام جي هن ديوان کي تمام گهڻو ساراهيو آهي. هن ديوان جا ڪيترا قديم قلمي نسخا سڄيءَ دنيا جي ڪتبخانن ۾ موجود آهن. ان کان سواءِ هي ديوان اوڻويهين صدي عيسويءَ جي شروع ۾ ڪيترا ڀيرا مصر، ايران ۽ هند و پاڪ مان شايع ٿي چڪو آهي. هتي پيش ڪيل نسخو 1349ھہ/ 1920ع ۾ ڪانپور مان شايع ٿيو هو. هي ديوان تقريباً ٽيهن ٻولين ۾ ترجمي سان گڏ شايع ٿي چڪو آهي ۽ تازو سنڌي ترجمي سان بہ شايع ٿي چڪو آهي.